24 سومر , سيپٽمبر 2018

قانون اڳيان ڪنڌ جهڪائڻو پوندو، نيب جنهن کي چاهي گهرائي سگهي ٿي: شهباز شريف

مظفر ڳڙهه ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته نيب آئيني ادارو آهي جنهن کي چاهي گهرائي سگهجي ٿو، قانون اڳيان ڪنڌ جهڪائڻو پوندو. مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردگان اسپتال جي واڌ جي منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته نيب مون کي گهرايو جيڪڏهن ٻيهر گهرائڻ چاهي ته گهرائي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان کي قانون اڳيان ڪنڌ جهڪائڻو پوندو، قومون تڏهن ٺهنديون آهن جڏهن قانون تي عمل ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان پنجاب ۾ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آندو آهي، پنجاب جون اسپتالون يورپ جي اسپتالن برابر آهن.  شهباز شريف چيو ته پنجاب جي 26 ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتالن ۾ سي ٽي اسڪين لڳي ويا آهن، اهي 24 مشينون ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلنديون رهنديون آهن.  هن چيو ته صوبائي حڪومت هيپا ٽائٽس خلاف مهم شروع ڪئي آهي، هر ضلعي ۾ هيپا ٽائٽس سينٽر قائم ڪيا آهن، اسپتالن ۾ ماڻهن کي مفت دوائون ملنديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نااهلي ڪيس: جهانگير ترين ۽ حنيف عباسي جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جي تاحيات نااهلي خلاف نظرثاني درخواست …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے