19 اربع , سيپٽمبر 2018

نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم

ڪوٽ مٺن / شجاع آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ ن جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون، ڌرڻا هنيا ويا ۽ عدالتن ۾ به گهليو ويو، اسان ڪنهن امپائر جو انتظار ڪرڻ بدران ترقياتي ڪمن کي جاري رکيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سکر شجاع آباد موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به وڃو پر مسلم ليگ ن جون ئي رٿائون ملنديون. هن چيو ته مسلم ليگ ن حڪومت ڏکي وقت ۾ ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ رڳو منصوبا شروع ئي نه ڪيا پر مڪمل به ڪيا آهن. هن چيو ته سمورين حڪومتن وٽ وسيلا هئا پر کوٽ سوچ ۽ نيت جي هئي، پرويز مشرف ۽ آصف علي زرداري پنهنجي دور ۾ بجلي جو ڪو به ڪارخانو نه لڳايو، ڇا 10 سال رهندڙ آمريت وٽ بجيٽ نه هئي، اسان جي حڪومت ايتري بجلي پيدا ڪئي جو ايندڙ 20 سالن تائين ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ نه ٿيندي. هن چيو ته پنجن سالن ۾ ٿيندڙ ڪم 65 سالن ۾ به نه ٿيا آهن، موجوده حڪومت 10 هزار 4 سئو ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف 10 سالن ۾ بجلي جو ڪو منصوبو شروع نه ڪيو، ڪجهه منصوبا شروع ڪيا پر هڪ به مڪمل نه ڪري سگهيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته آصف زرداري منصوبا شروع ئي نه ڪيا مڪمل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي. هن چيو ته هن وقت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گهٽ پئسو پنجاب کي ملي ٿو پر ڪنهن به شهر ۾ وڃو پنجاب جا شهر تبديل ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته هڪ طرف اها سياست آهي جنهن جي پليٽ فارم تان گار، الزام ۽ ڪنهن جي خير جي اميد ناهي، جڏهن ته ٻئي طرف مسلم ليگ ن ملڪي ترقي ۽ عوام جي خدمت جو پليٽ فارم آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ترقي ڪنهن صوبي ۾ ٿي ته اها پنجاب ۾ ٿي آهي، عالمي سطح تي به قبول ڪيو ويو آهي. ڪوٽ مٺن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ترقي جو سفر شروع ڪيو ويو، اها پهرين حڪومت آهي جنهن ماضي جا منصوبا به مڪمل ڪيا. هن چيو ته ملڪ جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي چڪا آهن،  جولاءِ ۾ هڪ دفعو ٻيهر عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب صوبي سميت نوان صوبن لاءِ قومي اتفاق قائم ڪرڻ گهرجي ها،  مخالفن پنج سال الزامن ۽ گارگند ضايع ڪيا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته 10 هزار 400 ميگا واٽ بجلي نظام ۾ شامل ٿي چڪي آهي، ايندڙ سال ڪوئلي مان به بجلي جي پيداوار شروع ٿي ويندي. هن چيو ته نون صوبن لاءِ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي، فاٽا سڌارن جو معاملو به قومي اتفاق راءِ سان حل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪي ترقي رڳو جمهوري دور ۾ ٿيندو، اسان جي حڪومت بحرانن کي حل ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ هاءِ ڪورٽ :گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس رپورٽ غيرتسلي بخش قرار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت پوليس جي رپورٽون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے