23 آچر , سيپٽمبر 2018

ملتان ۾ موٽروي جي اڏاوتي ڪم دوران ڊمپر جي ٽڪر ۾ 5 پورهيت فوت

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) ملتان جي تعلقي شجاع آباد ۾ موٽروي جي اڏاوتي ڪم دوران ڊمپر جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 پورهيت فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. انٽرچينج تي اڏاوتي ڪم آخري مرحلن ۾ هو ته هڪ ڊمپر جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 پورهيت فوت ٿي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. زخمي پورهيتن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران وڌيڪ 2 پورهيت حياتيون وڃائي ويٺا. ٻئي طرف پوليس ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے