23 آچر , سيپٽمبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ 50 سالن کان انصاف لاءِ سرگرم پيرسن جي ٻڌي ورتي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 50 ورهين کان انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم 93 ورهين جي شهري اسماعيل صديقيءَ کي وڪيل فراهم ڪندي لاڳاپيل ادارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اسماعيل صديقي سنڌ هاءِڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 1967ع ۾ هن پرنٽنگ ڪاپوريشن کاتي جي ملازم جي حيثيت سان ايل ايل بي ۽ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ قائدن موجب کيس ليبر آفيسر جي حيثيت سان ترقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. درخواستگذار موجب 1986ع ۾ سندس رٽائرمينٽ تائين فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيو. اسماعيل صديقي 1986ع کان هن وقت تائين عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ به اسماعيل صديقي کي 4 اضافي انڪريمينٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو پر اڃا تائين فيصلي تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي.  درخواستگذار موجب هو پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ هيٽ ويو ۽ ٻرندڙ سج کان به بي نياز ٿي چڪو آهي. اسماعيل صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ وسيلن جي کوٽ سبب درخواستگذار کي وڪيل فراهم ڪيو ۽ لاڳاپيل کاتن کان جواب طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، لاڳاپن جي بهتري کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: وزيراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے