21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شفاف چونڊون ٿيون ته پ پ ڪلين سوئيپ ڪندي: شرجيل ميمڻ

Security is going on politics: Security forces should not take action: Sharjeelڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته جيستائين غيرتمند ماڻهو زنده آهن، سنڌ ڪنهن به صورت ۾ ورهائڻ نه ڏيندا. ڪراچيءَ ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن رڳو شفاف چونڊ ٿيندي ته پ پ ڪاميابي حاصل ڪندي. هن چيو ته جڏهن دليل ختم ٿي ويندا هوندا آهن ته هٿن جو استعمال ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪو نعيم الحق ڪيو اهو تمام گهڻو افسوس جوڳو عمل آهي، ان کان وڌيڪ افسوس جهڙي ڳالهه عمران خان جي نعيم الحق کي شاباس ڏيڻ آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جا ماڻهو صوبي کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته عوام ووٽ ويندا ته اهي فيصلو ڪندا پ پ جو پنجن سالن جو دور ڪيئن رهيو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن شفاف چونڊ ٿي ته پ پ ڪلين سوئيپ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے