19 آچر , آگسٽ 2018

نيوز: سنڌ مان کنڀيلن جون لسٽون لاڳاپيل ادارن حوالي ڪيون آهن: گهرو وزير

The listings of confectionaries from Sindh have been referred to by the relevant institutions: Home Ministerسنڌ مان کنڀيلن جون لسٽون لاڳاپيل ادارن حوالي، گهرو کاتي سومر تائين وائيس فار مسنگ پرسن ڪميٽي کي ٻيهر پاڻ وٽ سڏائي ورتو.

 مسنگ پرسن ڪميٽي جي ميمبرن تاج جويو، سسئي لوهار، نجي الله چنا، گهرو وزير سهيل انور سيال سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.

 ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته گم ڄاڻايلن جون لسٽون واسطيدار ادارن جي عملدارن کي ڏنيون ويون آهن. اهي ٻن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندا ۽ سومر ڏينهن تي مسنگ پرسن ڪاميٽي کي سموري ڪار گذاري بابت آگاهه ڪبو.

 فوڪل پرسن جي سلسلي ۾ گهرو وزير چيو ته اسيمبلي اجلاس ختم ٿيڻ کان اڳ اسان فوڪل پرسن جي حوالي حتمي نالو ڏينداسين.

 هوڏانهن وائيس فار مسنگ پرسن جي ميمبر تاج جويو چيو ته ڪميٽي فوڪل پرسن طور آءِ جي سنڌ جو نالي جي سفارش ڪئي آهي. اميد آهي ته اسان جي تجويز تي غور ڪيو ويندو.

سسئي لوهار، نجي الله چنا جو چوڻ هو ته اسان فقط اهوئي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن کي جلد آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن هنن جو ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته کين عدالتن ۾ آڻي سزائون ڏنيون وڃن.

ٻئي پاسي انعام عباسي جي نياڻي سنڌيا انعام به گهرو وزير جي آفيس پهتي پر گهرو وزير سان ملاقات ٿي نه سگهي. سنڌيا انعام جو چوڻ هو ته گذريل آگسٽ ۾ سندس پيءُ کي کنڀيو ويو آهي. اسان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر اڃا تائين سندس پيءَ کي آزاد نه ڪيو ويو آهي……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

The bidding of the commercial mailing company has been brought by the NN Challenge: Dr. Jabbar Khattat

رات يارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-08-18

*ايل اوسي  تي ڀارتي فوج جي فائرنگ  ۾ پيرسن شهيد،پاڪستان جو احتجاج *مان  نامزد وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے