18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

جنسي هراسمينٽ جا الزام: پروڊيوسر هاروي وائن اسٽين گرفتاري ڏئي ڇڏي

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) 80 کان وڌيڪ عورتن کي جنسي هراسان ڪرڻ جي الزام بعد آخرڪار هالي ووڊ جي پروڊيوسر هاروي وائن اسٽين نيويارڪ پوليس کي گرفتاري ڏئي ڇڏي. وائن اسٽين جي خلاف جنسي هراسان ڪرڻ وارن ٻن ڪيسن جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. اڪٽوبر 2017ع ۾ شايع ٿيل نيويارڪ ٽائمز جي ڇرڪائيندر جاچ رپورٽ ان اسڪينڊل جو انڪشاف ڪيو هو جنهن بعد عورتن جي وڏي انگ هالي ووڊ پروڊيوسر بابت هوش اڏائيندر حقيقتن تان پردو کنيو هو. ان ئي انڪشاف ۾ ” مي ٽو“ مهم جو آغاز به ٿيو.  وائن اسٽين تي الزام لڳائيندڙ عورتن ۾ هالي ووڊ جون ناليواريون اداڪارائون انجلينا جولي، سلميٰ هائيڪ، گائينٿ پيلٽرو، ايشي جَڊ، روز ميڪ گوئن ۽ هيٿر گرام شامل آهن. سلميٰ هائيڪ هاروي وائن اسٽين جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪهڙي ريت هو سلميٰ هائيڪ کي هراسان ڪندو هو ۽ ڌمڪيون ڏيندو هو.  سلميٰ هائيڪ ٻڌايو ته 2002ع ۾ فلم ” فريدا“ ۾ سيڙپ لڳائڻ کان پوءِ هاروي وائن اسٽين سلميٰ هائيڪ کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ مختلف جنسي خواهشن جي ڀرمار لڳائي ڇڏي. اداڪارا موجب هر ڀيري انڪار تي وائن اسٽين جي ڪاوڙ وڌي ويندي هئي ايستائين جو هن اداڪارا کي هڪ ڀيرو قتل جي به ڌمڪي ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے