19 آچر , آگسٽ 2018

ڪراچي وارن دهشتگرد پارٽين کي رد ڪري ڇڏيو: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي وارن دهشتگرد پارٽين کي رد ڪري ڇڏيو آهي، فريال ٽالپر جو چوڻ آهي ته شهر جو عوام پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪرائيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ افطار پارٽي سان پ پ ڪراچي جي صدر سعيد غني پ پ عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر خطاب ڪندي ڪيو. سعيد غني چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پهرين کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندي، اسان سنڌ جي شهري علائقن ۾ اڪثريتي سيٽون حاصل ڪنداسين. سعيد غني جو چوڻ هو ته ڪراچي وارن دهشتگرد پارٽين کي ڇڏي ڏنو آهي، پيپلز پارٽي حڪومت پاليسي جي تحت ڪراچي جا مسئلا حل ڪيا، پيپلز پارٽي ۾ ماڻهن جي شموليت عوامي اتحاد جو مظهر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي فريال ٽالپر متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڪراچي جو نعرو هڻندڙن جو مستقبل اونداهو پيو نظر اچي. ڪراچي جا شهري دهشتگرد تنظيم جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ڪامياب ڪندا، فريال ٽالپر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي جا مسئلا پيپلز پارٽي حل ڪندي، سڄي ملڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي جا اميدوار اليڪشن وڙهندا

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين طويل عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے