18 سومر , جون 2018

اسان کي گڏيل سهڪار سان دهشتگردي جهڙن مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اسان کي گڏيل سهڪار سان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جهڙن مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن  شنگهائي تنظيم (SCO) جي ميمبر ملڪن جي سپريم ڪورٽن جي 13هين ڪانفرنس جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم ميمبر ملڪن جي لاءِ سيڪيورٽي خطرو آهي، دهشتگردي جي ڪا به سرحد ناهي هوندي، ان سنگين مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي گڏجي عهد ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ هو ته اسان کي دهشتگردن جي لاءِ جاءِ تنگ ڪرڻي پوندي، گڏيل پاليسي، قانون ۽ ڄاڻ جي ڏي وٺ اسان جو هٿيار آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خلاف ميمبر ملڪن جي عدليه کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي گڏيل سهڪار سان دهشتگردي، انتهاپسندي جهڙن مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے