19 آچر , آگسٽ 2018

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس مڇي مارڪيٽ، متحده ۽ پ پ جي ميمبرن ۾ ڏند چڪ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ وري هنگامي جي ور چڙهي ويو، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن ۾ ڏند چڪ کان پوءِ ڳالهه ڌمڪي تائين وڃي پهتي، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي متحده جي فيصل سبزواري سان ڏند چڪ ٿيندي رهي. تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، هڪ موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ۽ ڊپٽي اسپيڪر ۾ ڏند چڪ به ٿي. شهلا رضا فيصل سبزواري کي چيو ته توهان ڌيان ڏيو نوٽيس غلط پڙهيو، مون برداشت ڪيو، جواب ۾ فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته اِهو توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته نوٽس غلط پڙهيو ويو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته آئون جيڪو چئي رهي آهيان اُهو درست آهي. ايم ڪيو ايم جي ميمبر ڪامران اختر چيو ته توهان ڌمڪي ڏئي رهيا آهيو، شهلا رضا چيو ته آئون ڌمڪي ناهيان ڏئي رهي اهو لکيل آهي. توهان اڳتي لاءِ ايوان ۾ نه ايندا. ان موقعي تي اجلاس ۾ هنگامو ۽ ٻنهي پارٽين جي ميمبرن ۾ هڪ ٻئي تي الزامن جا مينهن وسائيندا رهيا جڏهن ته ميمبرن هڪ ٻئي کي ڌمڪيون به ڏنيون. ان کان سواءِ اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر صابر قائمخاني پاڻي جي کوٽ بابت تحريڪ التوار پيش ڪئي، جنهن تي پيپلز پارٽي جي نثار هڙي جو چوڻ هو ته تحريڪ التوا تي بحث جي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڊاڪٽرن کي مستقل ڪرڻ واري بل جي ٻيهر منظوري ڏني وئي. صحت کاتي ۾ 400 ايڊهاڪ ڊاڪٽرن کي مستقل ڪرڻ وارو بل 2018ع منظور ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين طويل عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے