18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نواز شريف جهڙا ڪرپٽ ماڻهو رياست جي لاءِ خطرو آهن: طاهر القادري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته نواز شريف جهڙا ڪرپٽ ماڻهو رياست جي لاءِ خطرو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن  پاڪستان عوامي تحريڪ جي 29هين يوم تاسيس جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته منهن تبديل ڪرڻ سان نظام تبديل نه ٿيندو. ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته اسان استحصالي قوتن جي خلاف 28 سالن کان جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ظالمن جي خلاف پاڪستان عوامي تحريڪ جي قربانيون ناقابل فراموش آهن.  هن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ ڌانڌلي کان متاثر چونڊن جي نظام جي خلاف تاريخي لانگ مارچ ڪيو، اسان جي سياسي جدوجهد آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ آهي. هن وڌيڪ چيو ته 29هين يوم تاسيس تي ماڊل ٽائون جي شهيدن کي سلام پيش ڪيان ٿو، ماڊل ٽائون جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، ظلم جو خاتمو ٿيندو ۽ مظلوم کي انصاف ملندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے