18 سومر , جون 2018

لاهور سينٽرل جيل ۾ قيد ڀارتي شهري جي 36 سالن بعد شهريت جي تصديق

لاهور(ويب ڊيسڪ) سينٽرل جيل ۾ قيد ڀارتي شهري جي 36 سالن بعد شهريت جي تصديق ٿي وئي آهي گجنند شرما ڀارتي شهر جئ پور جو رهواسي آهي جيڪو 1982ع ۾ گم ٿيو هو. لاهور جي سينٽرل جيل ۾ قيد ڀارتي شهري گجنندشرما جي شهريت جي تصديق لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڀارتي اختيارين کي خط لکيا ويا، ذريعن موجب آخري ڀيرو 4 فيبروري تي گجنند شرما جي شهريت جي تصديق جي لاءِ لکيل خط تي موثر ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ڀارتي اختيارين طرفان پاڪستاني اختيارين کي ٻڌايو ويو آهي ته گجنند شرما 1982ع ۾ جئي پور ۾ گم ٿيو هو، گجنند شرما جي زال لاکڻي ديوي ۽ ٻن پٽن راڪيش ۽ مڪيشن کي ڳوليو ويو آهي. لاکڻي ديوي ۽ سندس پٽن پاڪستان طرفان موڪليل گجنند شرما جي تصوير ڏسي کيس سڃاڻي ورتو آهي، هنن موجب ته هو ڪيترن ئي سالن کان گجنند شرما کي ڳوليندا رهيا آهن ۽ آخرڪار هنن جي اميد ختم ٿي وئي هئي پر گجنند شرما جي جيئري هئڻ جي خبر ملڻ بعد سندس خوشي ڏسڻ جيان هئي. پاڪستاني گهرو وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته جيئن ئي ڀارت طرفان گجنند شرما جي شهريت جي باقاعده تصديق جا دستاويز ملندا سندس آزادي جي باري ۾ بندوبست شروع ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے