21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: قمبر: شهرين جو سيپڪو جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

Qambar: The protests against the unprofessional load shedding of the citizens of the city*قمبر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين سيپڪو جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن لالا واجد گوپانگ، رب نواز خاصخيلي، الله بخش، پپن خانزاده، آصف جويو، رياض گل لاکو ۽ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ به واپڊا وارن جي ا ڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهرين کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

 هنن چيو ته  شهر ۾ بجلي 12کان16 ڪلاڪ بند هجڻ ڪري پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو اچي.

هنن اعلي اختيارن کان گهر ڪئي آهي ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جاري رکيو ويندو……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے