21 جمعو , سيپٽمبر 2018

فيسبڪ تي سياسي اشتهارن لاءِ نئين پالسي لاڳو

ڪيلفورنيا(ويب ڊيسڪ) فيسبڪ پنهنجي ويب سائٽ تي سياسي اشتهار پوسٽ ڪرڻ لاءِ سخت شرط لاڳو ڪري ڇڏيا. ٽيڪنالوجي ويب سائٽ ميشبل رپورٽ جي موجب فيسبڪ گذريل ڏينهن آمريڪا جي فيسبڪ ۽ انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ ڪو به سياسي اشتهار پوسٽ ڪرڻ لاءِ سخت شرط لاڳو ڪري ڇڏيا آهن. فيسبڪ اختيارين چيو آهي ته ان مقصد سمورن سياسي اشتهارن کي شفاف بڻائڻ ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙي ڪنهن به مواد کي روڪڻ آهي جنهن سان چونڊن ۾ ڪا به مشڪل پيش نه ايندي. ويجهڙائي ۾ ڊيٽا اسڪينڊل جي فيسبڪ تي واهپيدارن جي اعتماد ۾ خاص گهٽتائي ٿي ۽ ان اعتماد جي بحالي لاءِ فيسبڪ مسلسل نوان تجربا ڪري رهيو آهي. فيسبڪ جي کنيل قدمن جي تحت فيسبڪ سياسي اشتهارن تي نگراني پهريان وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نئين پاليسي جي تحت فيسبڪ واهپيدارن کي فراهم ڪيل dedicated archive جي آپشن ۾ وڃي اشتهار ڏيڻ وارو جو نالو، عمر، هنڌ، بجيٽ ۽ ٻي بنيادي معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا. فيسبڪ گلوبل پاليٽڪس ۽ گورنمنٽ آئوٽ ريچ ڊائريڪٽر ڪيٽي هارباٿ چيو آهي ته اسان جو مقصد واهپيدارن جي مدد ڪرڻ آهي ته جيئن هو اهو ڄاڻي سگهن ته ڪير اشتهار ڏئي رهيو آهي ۽ ڪير ان تي خرچ ڪري رهيو آهي. فلحال نون سياسي اشهارن واري پاليسي کي رڳو آمريڪا ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي، پر ايندڙ هفتي ان جو دائرو ٻين ملڪن تائين وڌايو ويندو. ياد رهي ته ڪيمبرج ايناليٽڪا اسڪينڊل بعد فيسبڪ اهڙين 200 ايپس کي معطل ڪري ڇڏيو آهي جيڪي واهپيدارن جو ڊيٽا بنا اجازت غيرقانوني طور استعمال ڪري رهيون هيون. فيسبڪ هن وقت هڪ هزار کان وڌيڪ ايپس جي جاچ ڪندي معلوم ڪري رهيا آهن، واهپيدارن جو فيسبڪ ڊيٽا ڪير ڪير غلط هنڌ تي استعمال ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے