20 خميس , سيپٽمبر 2018

عورت فٽبال ٽيم جي ڪپتان جي بيان تي فٽبال فيڊريشن جو ردعمل

The reaction of football federation on the statement of the Women Football Team's Cupلاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ويمن فٽبال ٽيم جي ڪپتان هاجره خان جي ٽوئٽس تي پاڪستان فٽبال فيڊريشن جو ردعمل سامهون آيو آهي جنهن ۾ راند لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.  پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل ڪرنل ريٽائرڊ احمد يار لوڌي چيو آهي ته ويمن فٽبالرن لاءِ هن سال انڊر 15 نيشنل چيمپيئن شپ جو بندوبست ڪيو ويندو، قومي عورتون انڊر 15 ٽيم ڏکڻ ايشين فٽبال ٽورنامنٽ ۾ شرڪت ڪندي، جڏهن ته عالمي فٽبال ڪنفيڊريشن جي هيٺ ٿيندڙ انڊر 15 چيمپيئن شپ ۾ پڻ قومي عورت فٽبالر حصو وٺنديون. پاڪستان فٽبال فيڊريشن(پي ايف ايف) جي جنرل سيڪريٽر ڪرنل ريٽائرڊ لوڌي وڌيڪ چيو آهي ته  سيف انڊر 18 چيمپيئن شپ جي لاءِ ڪيمپ جلد لڳايو ويندو ۽ ايشيا انڊر 18 چيمپيئن شپ ۾ پڻ عورت فٽبالر حصو وٺنديون. فٽبال فيڊريشن چيو آهي ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ نيشنل ويمن چيمپيئن شپ جو انعقاد ڪيو ويندو. ڪرنل (ريٽائرڊ) احمد يار لوڌي چيو ته عورت فٽبال رنديگراڻين جي شيڊول تي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته نيشنل چيمپيئن شپ بعد قومي ويمن فٽبال ٽيم کي پرڏيهي دورن تي موڪليو ويندو، قومي ويمن ٽيم ڏکڻ ايشيا ويمن فٽبال چيمپيئن شپ ۾ پڻ شرڪت ڪندي. 2021 ۾ ٿيندڙ سائوٿ ايشين ويمن فٽبال ڪپ جي ميزباني پاڪستان وٽ آهي. قومي عورت فٽبال ٽيم جي ڪپتان هاجره خان ٽوئٽ ڪئي آهي ته پاڪستان فٽبال فيڊريشن(پي ايف ايف) هن سال عورتن لاءِ ڪو به ايونٽ ناهي رکيو، هو فٽبال فيڊريشن کان برابري جو مطالبو ڪري ٿي. ٽوئٽ ۾ هن الزام هڻندي چيو ته مينز فٽبال ليگ جي پرومو شوٽ ڪرائڻ لاءِ عورت رانديگرن کي گڏ ڪيو ويو پيو وڃي، جڏهن کان فٽبال فيڊريشن بحال ٿي آهي عورت فٽبالرن لاءِ ڪو به ڪيمپ ناهي لڳايو ويو ، ڪنهن به ايونٽ جو اعلان ناهي ڪيو ويو ، ايشين گيمز جي لاءِ مينز فٽبال ٽيم جو ڪيمپ هلندڙ سال هلندڙ هفتي لڳايو ويندو، پر ايشين گيمز ۾ شرڪت ڪندڙ عورت فٽبال ٽيم لاءِ ڪو به ڪيمپ ناهي لڳايو ويو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے