22 جمعو , جون 2018

فلم ”سنجو“ جو نئون پوسٽر جاري، پهريون ٽريلر 30 مئي تي ريليز ٿيندو

The new poster of the movie "sanju" releasedممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار سنجي دت جي حياتي تي ٻڌل فلم”سنجو“ جو نئون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي. باليووڊ ۾هن وقت مشهور اداڪار سنجي دت جي حياتي تي ٺهندڙ فلم”سنجو“ جا چرچا آهن، گذريل مهيني فلم جو پهريون ٽيزر جاري ڪيوويو هو جنهن ۾ رنبير ڪپور سنجي دت جي زندگي جي مختلف پاسن کي تمام بهترين انداز ۾ نڀائيندي نظر آيو هو.  فلمي حلقن توڙي سنجي دت جي مداحن طرفان ان ٽيزر جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي هئي. ٽيزر ريليز جي هڪ مهيني بعد فلم جو نئون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ رنبير ڪپور ۽ سونم ڪپور ڪافيءَ خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهيا آهن. فلم جي هدايتڪار راجڪمار هيراڻي فلم جو پوسٽر ٽوئٽر تي شيئر ڪندي لکيو ته سنجو جي جنوني محبت سان ڀريل حياتي جي هڪ جهلڪ ان سان گڏوگڏ راجڪمار هيراڻي فلم جي پهريون ٽريلر جاري ڪرڻ جي تاريخ جو پڻ اعلان ڪندي چيو ته فلم جو پهريون ٽريلر 5 ڏينهن بعد 30 مئي تي ريليز ڪيو ويندو.فلم ۾ اداڪارا سونم ڪپور مختصر پر جاندار ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پنهنجي ڪردار بابت سونم چيو ته ماڻهو سوچي رهيا هوندا ته هو فلم ۾ ڪهڙي اداڪارا(ماڌهوري دڪشت) جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پر اهو سچ ناهي ڪردار مختصر آهي پر جاندار آهي، جڏهن ڪردار جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل بيان ڪرڻ کان منع ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته فلم”سنجو“ باليووڊ اداڪار سنجي دت جو مرڪزي ڪردار ادڪار رنبير ڪپور ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن اداڪار پاريش راول سنجي دت جي والد سنيل دت جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ منيشا ڪوئرالا سندس ماءُ نرگس جو ڪردار ۾ نظر ايندي، فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ اداڪارا سونم ڪپور، انوشڪا شرما ۽ ديا مرزا شامل آهن، ايڪشن، ڪاميڊي، ۽ ٽريجڊي سان ڀرپور فلم سنجو ايندڙ مهيني 29 جون تي ريليز ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رابي پيرزادا عورتن جي ڀلائي لاءِ پراجيڪٽ جي تيارين ۾

لاهور (شوبز نيوز) خوبصورت ڳائڻي ۽ اداڪارا رابي پيرزادا عورتن لاءِ ٽريننگ انسٽيٽويٽ ٺاهڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے