19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: سامارو: هيرومل کي گم ڪرڻ ۽  ڪراچي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ احتجاج

Samaro: The protest for the loss of Harumal and the lost people in Karachi*ساماري ۾ سماجي اڳواڻ هيرومل کي گم ڪرڻ ۽  ڪراچي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙ  نياڻين تي تشدد خلاف احتجاج ڪيو ويو .

سياسي، سماجي ڌرين ۽ شهرين ڪامريڊ ڏامرو مل ميگھواڙ  ، عظيم خاصخيلي ، جميل ڌونڪائي ، روشن علي بھراڻي، ڏاتر بخش سينھڙو،  ارشد حسين کوسو ، رامچند شينگلاڻي، سريش ڪمار مالھي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي  اڳواڻن  چيو ته جمهوريت ۾ احتجاج ڪرڻ جو هر هڪ ماڻهو کي حق حاصل آهي .

 هنن چيو ته ڪراچي ۾ نياڻين ۽ سياسي ڪارڪنن تي تشدد توڙي اسلام آباد ۾ شاگردن جي ڪيمپ پٽڻ جي مذمت ڪن ٿا.

 هنن مطالبو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے