26 اربع , سيپٽمبر 2018

شاهد آفريدي ڪينيڊين ٽي 20 ليگ ۾ شرڪت ڪندو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي ڪينيڊين ٽي 20 ليگ ۾ شرڪت ڪندو. ايونٽ جا مقابلا 18 جون کان 15 جولائي تائين جاري رهندا. ڪينيڊين ٽي 20 ليگ ۾ اسٽيون سمٿ، ڪرس گيل، ڊيوڊ ملر، آنڊري رسل ۽ سنيل نارائن سميت ڪيترائي اسٽار ڪرڪيٽر پڻ مداحن جي نگاهن جو مرڪز بڻجندا. ياد رهي ته شاهد آفريدي عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائر ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ هو رڳو ليگ ڪرڪيٽ ۾ ئي شرڪت ڪندو آهي، هو پي ايس ايل جي ٽئين سيز دوران گوڏي جي انجري جو شڪار ٿي پيو هو، ۽ فٽنس جي بحالي لاءِ مشقون ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Surrender Press, Tests against Cangroz ask for Mohammad Rizwan dubai

سرفراز تي دٻاءُ، ڪينگروز خلاف ٽيسٽ سريز لاءِ محمد رضوان دبئي طلب

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) قومي سليڪشن ڪميٽي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے