20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪيوي رانديگرن کي پاڪستان جي دوري تي خدشا، فيصلو 15 ڏينهن ۾ ٿيندو

It will be decided in the 15 days that the sportsmen will decide on Pakistan's moveويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽر ايسوسي ايشن جي چيف هيٿ ملز چيو آهي ته سمورا ڪيوي رانديگر ان جا انڪاري ناهن ڪجهه سيڪيورٽي ڪليئرنس تي دوري لاءِ  تيار  آهن جڏهن ته ڪجهه دبئي ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ تيار آهن،  حتمي اعلان 15 ڏينهن جي اندر سيڪيورٽي رپورٽ ملڻ بعد ڪيو ويندو. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم آڪٽوبر نومبر ۾ يو اي اي ۾ پاڪستان سان ٽن ٽيسٽ، ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي 20 ميچن تي ٻڌل  سريز کيڏندي.پي سي بي طرفان ون ڊي ۽ ٽي 20 ميچون پاڪستان ۾ کيڏڻ جي دعوت ڏني وئي هئي جنهن تي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ نه رڳو غور ڪري رهيو آهي پر ان سيڪيورٽي صورتحال جي جائزي لاءِ ريگ ڊڪسن جي خدمتون حاصل پڻ ڪري ورتيون آهن ، هاڻ خبرون اچي رهيو آهن ته ڪيوي رانديگرن ان دوري جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي نيوزيلينڊ ٽيم 15 ورهين بعد پاڪستان جو دوري جا امڪان گهٽ ٿيڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن. ان حوالي سان حتمي فيصلو ايندڙ 15 ڏينهن ۾ اچڻ جو امڪان آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي يا نه .نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو ڊيوڊ وائٽ ۽ ڪرڪيٽ پيلئرز ايسوسي ايشن جي چيف هيٿ ملز ٻنهي ڄڻن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته رانديگرن جي طرفان ان ٽور تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي، ان باوجود بورڊ واضح ڪيو آهي ته ان حوالي سان ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ کليل ذهن کان شيئن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ملز چيو ته پاڪستان جي جي دوري جي حوالي سان رانديگرن جي رويا مختلف آهن ، ۽ ڪجهه رانديگر ان دوري جي خلاف ناهن ، ڪجهه رانديگرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سيڪيورٽي ڪليئرنس ملن ٿيون ته ڪو به اعتراض ناهي جڏهن ته ڪجهه رانديگرن جو چوڻ آهي ته اسان دبئي ۾ ئي نٿا ٽڪي سگهون، واضح رهي ته جيڪڏهن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ان دوري لاءِ راضي ٿي ته هڪ ٻئي پٺيان ٻن ڏينهن ۾ ٻه ٽي 20 ميچون کيڏي واپس رواني ٿيندي. ذريعن واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن اڌ رانديگر پاڪستان دوري کان انڪار ڪن ٿا ته پوءِ نيوزيلينڊ پنهنجي ڪمزور ٽيم نه موڪليندي، بيٽنگ ڪوڇ ڪريگ ميڪ ملن جو دوري تي وڃڻ جا امڪان نه هجڻ جي برابر آهن ڇو ته هو 2002 جي ان وقت جي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل هو جنهن ٽيم سان ڪراچي هوٽل جي اڳيان بم ڦاٽڻ وارو واقعو پيش آيو هو . نيوزيلينڊ جي مارڪ ڪولز هن وقت پاڪستان ويمنز ٽيم جي ڪوآهي، هن جو چوڻ آهي ته کيس پاڪستان ۾ رهائش دوران سيڪيورٽي جو ڪو به مسئلو ناهي رهيو، جيڪڏهن ڪيوي ٽيم ان دوري لاءِ راضي ٿئي ٿي ته اهو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے