24 سومر , سيپٽمبر 2018

جوهري معاهدو برقرار رکڻ لاءِ ايران يورپ اڳيان 7 شرط رکي ڇڏيا

Iran has made 7 conditions ahead of Europe to maintain nuclear dealتهران/برلن(ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جوهري معاهدي تي قائم رهڻ ۽ ان کان ڌار ٿيڻ واري ضمانت لاءِ يورپي ملڪن جي اڳيان 7 شرط رکي ڇڏيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايراني سپريم ليڊر چيو آهي ته ايران جو بيلسٽڪ پروگرام ۽ خطي ۾ ايراني سرگرمين تي ڪي به ڳالهيون نٿيو ٿي سگهن. هن جوهري معاهدي کي قائم رکڻ لاءِ يورپي ملڪن تي شرط لاڳو ڪيا ته هو ايران جي تيل جي خريداري کي جاري رکن، ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪي دٻاءُ رد ڪري ڇڏين. يورپي بينڪ ايران سان گڏ ڏي وٺ برقرار رکي، آيت الله خامنه اي چيو آهي ته تهران يورپي ملڪن سان گڏ امن امان رکڻ چاهيون ٿا پر فرانس، برطانيا ۽ جرمني جهڙا ملڪ ايران جي حساس معاملن کان آمريڪا جي خبردار ڪري رهيا آهن.  هوڏانهن ايران جي ايٽمي توانائي واري قومي اداري جي سربراهه ڊاڪٽر علي اڪبر صالحي چيو آهي ته ملڪ جي ايٽمي صنعتون پوري طرح ڪم ڪري رهيون آهن ۽ اسان ايٽمي معاهدو سان پهرين پوزيشن تي واپس اچڻ لاءِ مڪمل تيار آهيون. ايران جي پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف ايران بابت آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي بيان کي بي بنياد ۽ پراڻين افواهن تي ٻڌل قرار ڏنيدي چيو ته واشنگٽن پريشر گروپن هٿان يرغمال بڻجي چڪو آهي. ٻئي پاسي جرمن وائس چانسلر انجيلا مرڪل چيني وزير اعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته چين ۽ جرمني موجودا ايراني جوهري معاهدي سان گڏ بيٺا آهيون. ٻئي پاسي جرمن پرڏيهي وزير هائيڪو ماس پنهنجي برطانوي هم منصب مائيڪ پومپيو سان ٿيل ملاقات بعد چيو ته ايراني جوهري معاهدي جي معاملي تي آمريڪا ۽ جرمني جو نظريو هڪ ٻئي سان تڪراري آهي ۽ ان تي اتفاق جو ڪو به امڪان نظر نٿو اچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري مارجي ويو

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے