23 آچر , سيپٽمبر 2018

محمد عامر جو نالو عظيم بالرن جي فهرست ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو : وسيم اڪرم

Mohammad Amir, who wants to see the name in the list of the great balls, waseem Akramلنڊن(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو آهي ته محمد عامر جو نالو عظيم بالرن جي فهرست ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته سموري دنيا جا عظيم رانديگر ٽيسٽ ميچن ۾ پنهنجي ڪاڪردگي جي سبب سڃاتا ويندا آهن، جيڪڏهن محمد عامر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏي ۽ محدود اورن جي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڌنو ته ٿي سگهي ٿو ته کيس پيسو ڪمائڻ جو موقعو ضرور ملي وڃي پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو نالو عظيم بالرن جي فهرست ۾ آڻڻ لاءِ کيس ٽيسٽ ريڪارڊ بهتر ڪرڻو پوندو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي فاسٽ بالر  وسيم اڪرم ملڪ لاءِ کيڏندي  ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 414 ۽ هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن ۾ 502 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. هن چيو ته شاهد آفريدي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو سڀ وڏو ڪرڪيٽ اسٽار آهي پر آفريدي جي سموري ڪرڪيٽ ون ڊي ۽ ٽي 20 تائين ئي محدود آهي،  هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ عظيم بالرن جي لسٽ ۾ شاهد آفريدي جو نالو ڪڏهن به شامل نٿو ٿي سگهي.  لارڊز ۾ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي وسيم اڪرم چيو ته هن وقت اڃان محمد عامر جي گهٽ عمر آهي، هو پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر کي وڌيڪ ڊيگهه ڏئي سگهي ٿو، کيس ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي. وسيم اڪرم چيو ته کيس خوشي ٿيندي جڏهن عامر پنهنجي ڪيريئر جي پڄاڻي ڪندو ته سندس نالي تي اڍائي ٽي سئو وڪيٽو هجن ۽ سندس نالو عظيم بالر واري فهرست ۾ شامل ڪيو وڃي. وسيم اڪرم چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم وٽ عالمي ڪپ کان اڳ هڪ سال جو مصروف سيزن موجود آهي. ان لاءِ ٽيم انتظاميا 25 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏي، ۽ انهن رانديگرن کي پنهنجي فٽنس تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ٽيم انتظاميا اهڙن رانديگرن کي سوچي سمجهي استعمال ڪرڻو پوندو. ليفٽ آرم فاسٽ بالر آءِ سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي جي طرفان پيش ڪيل ٽاس ختم ڪرڻ واري تجويز کي رد ڪندي چيو ته ڪرڪيٽ ۾ اهي روايتي شيئون آهن ۽ اهي ئي ڪرڪيٽ جو اصل روح آهن، ان ڪري ٽاس ختم ڪرڻ واري تجويز سمجهه کان ٻاهر آهي، ٽاس سان ڪرڪيٽ جي اصل دلچسپي ڏسڻ لاءِ ملندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے