20 خميس , سيپٽمبر 2018

”سام سنگ“ جا 2 سستا فون پاڪستان اچڻ لاءِ تيار  

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سام سنگ پنهنجي سيريز  جا 2 سستا سمارٽ فون جلد پاڪستان ۾ وڪرو لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سام سنگ پاڪستان طرفان يوٽيوب ويڊيو(ويڊيو هيٺ ڏسو ) ۾ گليڪسي جي 4 ۽ گليڪسي جي 6 جلد متعاف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. گليڪسي جي 4 ۾ ڪمپني 5.5 انچ سپر اموليڊ ڊسپلي ڏنو آهي جنهن ۾ 720X 1280  پڪسل ريزولوشن ۽ 16:9 اسڪرين ٽو باڊي ريشو آهي. هي فون ايڪسينوس 7570پراسيسر،  2 جي بي ريم ۽ 16 جي بي اسٽوريج جو هوندو، هن جي بيڪ تي 13 ميگا پڪسل جڏهن ته فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل ڪئيمرا هوندو. هن فون ۾ 3000 ايم اي ايڇ جي بيٽري جڏهن ته اينڊرائيڊ آوريو آپريٽنگ سسٽم ڏ نو ويو آهي، هن فون جي قيمت 15 هزار رپيا آهي. هن جي مقابلي ۾ گليڪسي جي 6 ۾ 5.6 انچ جي ايچ ڊي پلس اسڪرين ڏني وئي آهي جيڪا 1480X720 ريزولوشن سان گڏ هوندو. ۽ ها هي اموليد انٽثني ڊسپلي هوندو جنهن ۾ 18:5:9 اسپيڪٽ ريشو ڏنو ويو آهي. هن ۾ جي 4 جي مقابلي ۾وڌيڪ ايڪسينوس 7870 پراسيسر، ٿري جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج هوندي. جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان اضافو ڪري سگهجي ٿو. هن جي بيڪ تي 13 ميگا پڪسل جڏهن ته فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل ڪيئمرا هوندي. اهڙي طرح بيڪ تي هيٺا فنگر پرنٽ سنسر ڏنو ويندو جڏهن ته 3000 ايم اي ايڇ بيٽري ۽ اينڊرائيڊ اوريو 8.1 آپريٽنگ سسٽم هوندو. هن فون جي قيمت 25 هزار رپيا هجڻ جو امڪان آهي. ۽ ايندڙ هفتن ۾ هي ٻئي ڊيوائسز صارفين لاءِ دستياب هوندا

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے