20 خميس , سيپٽمبر 2018

صرف هڪ بيضو روزانو  جسم تي ڪهڙا اثر مرتب ڪندو آهي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن  توهان بيضو روزانو کائڻ جا عادي آهيو ته ان لاءِ سٺي خبر اها آهي ته هن عادت جي نتيجي ۾ فالج جو خطرو ڪافي حد تائين گهٽ ٿي سگهي ٿو. هي دعويٰ برطانيا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. جاچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روزانو صرف هڪ بيضو فالج جو خطرو 12 سيڪڙو تائين گهٽ ڪري سگهي ٿو. جاچ موجب آنو پروٽين ۽ 9 اهم امينو ايسڊز سان ڀرپور هوندو آهي جڏهن ته ان ۾ هڪ جزليوٽين دماغي صحت لاءِ فائدي مند آهي. روزانو هڪ بيضو کائڻ سان ڪيترايون ئي بيماريون ۽ فالج جو خطرو گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن جاچ دوران 37 کان 79 سال جي عمر جي 5 لک ماڻهن جو  9 سالن تائين جائزو ورتو ويو. نتيجي مان معلوم ٿيو تو روزانو هڪ بيضو ڪيترين ۽ بيمارين سميت فالج جو خطرو گهٽ ڪندو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته هن عادت جي نتيجي ۾ دماغي شريان ڦاٽڻ يا برين هيمرج جو خطرو 26 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو آهي. ۽ موت جو خطرو 18 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو. عالمي اداري صحت موجب پوري دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 77 لک ماڻهو فالج جي نتيجي ۾ فوت ٿيندا آهن. ان جو سبب تمباڪو نوشي، وزرش ڪرڻ ۽ معياري کاڌن  جو استعمال ڪرڻ آهي. بيضو ڪوليسٽرول سان ڀرپور هوندو آهي.  جنهن لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته روزانو هڪ بيضو کائڻ سان فالج جو خطرو گهٽ ٿيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے