18 سومر , جون 2018

جي آءِ ٽي مطلب جعلي اطلاع، فريادي تائين نه پهچندڙ پوليس گم ٿيلن تائين ڪيئن پهچندي:هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آفتاب احمد گورڙ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ   60 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 21 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پوليس فريادي تائين پهچي نه سگهي ته پوءِ گم ٿيل ماڻهن تائين ڪيئن پهچندي. عدالت پنهنجي رمارڪس چيو ته جي آءِ ٽي جو مطلب جعلي اطلاع آهي .عدالت ۾ گم ٿيل ماڻهن جي  درخواستن جي ٻڌڻي دوران گم ٿيل ماڻهن جا وارث پيش ٿيا. عدالت ڊي ايس پي يار بخش سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ۾ چيو ته توهان ڪافي وقت لانڍي ۾ رهيا آهيو هاڻي لاڙڪاڻي وڃو، جتي تعليم به بهتر آهي. ڊي ايس پي يار بخش عدالت کي چيو ته منهنجو گهر ۽ ٻار هتي لانڍي ۾ آهن، ان ڪري هتي بهتر آهي. محمد سلمان جي والده چيو ته منهنجو پٽ پنجاب مان ڪمائڻ لاءِ ڪراچي آيو، هڪ سال کان گم آهي، جنهن جو ڪٿي به ڏس پتو نه ملي رهيو آهي. محمد آغا جي ڀاءَ چيو ته منهنجي ڀاءَ کي جولاءِ 2017 تي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جو ڪٿي به ڏس پتو نه ملي رهيو آهي. درخواست گذار لياري سان تعلق رکندڙن سليم جو چوڻ آهي ته منهنجي پٽ طارق 6 سالن کان پاڪ ڪالوني مان گم آهي، هن جو پتو نه آهي .هن چيو ته 5جون 2012ع ۾ اخبار ۾ خبر آئي ته منهنجي پٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر ان کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

ميانوالي (م ڊ) عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے