19 آچر , آگسٽ 2018

نئب جاچ ڪري ته چيف جسٽس کي جج ڪيئن بڻايو ويو، مريم کي عدالت ۾ گهلڻ مهانگو پوندو: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نيب جاچ ڪري ته چيف جسٽس کي جج ڪيئن بڻايو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته اسان کي خبر هئي ته نئب مارشل لا جو قانون آهي پر غلطي اها آهي ته اهو ختم نه ڪري سگهياسين، جڏهن ته نيب جاچ ڪري ته چيف جسٽس کي پهريون قانون وارو سيڪريٽري ۽ پوءِ جج ڪيئن بڻايو ويو آهي. هن چيو ته اسان خلاف جهڙي نموني ڪيس ٺاهيا ويا تنهن جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي، اربين کربين رپين جو الزام هنيو ويو پر اڄ تائين ڪابه شيءَ ثابت نه ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ اسان کي سمورن الزامن مان سرخرو ڪري رهيو آهي، لنڊن فليٽس اسان قومي ناڻي مان حاصل نه ڪيا، اسان جيڪڏهن ڪرپشن ذريعي مال ٺاهيو آهي ته پوءِ الزام ثابت به ٿيڻ گهرجن .جڏهن ڪرپشن جو ڪو معاملو پري پري تائين ناهي ته معاملو ختم ٿيڻ گهرجي.  نواز شريف چيو ته پرويز مشرف جي ڪاري دور جو نئب قانون ختم ٿيڻ گهرجي. ڌرڻن جي وقت صبر ۽ تحمل کان ڪم ورتو، اسان چاهيون ته ملڪ ۾ حقيقي جمهورت هجي ته سڀ بيهون، سڀني کي حق لاءِ اٿي بيهڻو پوندو. هڪ  صحافي طرفان نواز شريف کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن سر جهڪائي نوڪري نه ڪئي ته مشاهد الله ۽ پرويز رشيد کان استعيفيٰ ڇو ورتي؟ جڏهن تي هن جو چوڻ هو ته مشاهد الله ۽ پرويز رشيد کي فارغ ڪرڻ بردباري جو حصو هو.

ڌرڻن جي وقت تحمل ۽ صبر کان ڪم ورتو، مان پنهنجي ماتحت کي فارغ ڪري سگهان پيو، ملڪ جي خاطر تحمل کان ڪم ورتو  جيڪو عدالت ۾ ٻڌائڻو هو اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي، حق منظر عام تي اچڻ گهرجن، هر شئي جو هڪ وقت هوندو آهي، نواز شريف گذريل ڏينهن پنهنجي پريس ڪانفرنس ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي حيران ٿيندي چيو ته ڪالهه مڪمل پريس ڪانفرنس هلڻ تي پاڻ حيران آهيان. اسحاق ڊار ڪٿي آهي، کيس وٺي اچو، وڪيل سلمان بٽ اسحاق ڊار جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندي چيو ته سندس اصيل بيمار آهي. چيف جسٽس ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ رد ڪندي رمارڪس ڏنا ته اسحاق ڊار ايترو عرصو بيمار رهي نه ٿو سگهي، عدالتي حڪم ۾ کيس ذاتي طور پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو هو ۽ اهو حڪم ڀڃڪڙي لاءِ جاري نه ڪيو ويو آهي، هو اچي وڃي عدالت کيس حفاظتي ضمانت ڏيندي. هن چيو ته مريم کي عدالت ۾ گهلڻ مهانگو پوندو. 0429

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊکڻ ۾ پوليس گردي، ڳوٺاڻو گرفتار، اهلڪارن هٿان سندس ڀيڻ جي تذليل

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ شهر جي بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ سي آءِ اي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے