21 اڱارو , آگسٽ 2018

نواز شريف جي بيان جي اڻ ڌري جاچ ٿيڻ گهرجي

پاڪستان جي تاريخ جمهوريت تي راتاهن، چونڊيل حڪومتن خلاف سازشن ۽ سياستدانن کي رسوا ڪري اقتدار مان نيڪالي ڏيڻ سان ڀري پئي آهي. چونڊيل حڪومتن سان جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو آهي تنهن جا ڪي راز پڌرا ٿيندا رهيا آهن ته ڪي اڃا ئي ڪن جي سينن ۾ دفن ٿيل آهن. اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف به عدالت ۾ کيس اقتدار تان هٽائڻ جي سببن تي مشتمل جيڪو بيان ڏنو سو پريس ڪانفرنس ذريعي سڄي ملڪ جي ماڻهن لاءِ به پڌرو ڪيو جيڪو پڻ اهڙي قهر  جي رازن تي مشتمل هو.

ميان نواز شريف آن دي رڪارڊ چيو آهي ته کيس اقتدار تان هٽائڻ جو بنيادي ڪارڻ سندس سرڪار طرفان اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف خلاف غداريءَ جو ڪيس هلائڻ هو. هن چيو ته 2014ع ۾ عمران خان ۽ طاهرالقادري جي گڏيل ڌرڻن ۽ اسلام آباد تي انهن ذريعي لشڪر ڪشيءَ جو مقصد به کيس دٻاءُ ۾ آڻڻ هو. هن اهو به چيو ته انهن ڌرڻن دوران کيس هڪ انٽيليجنس اداري جي سربراهه جو پيغام پهچايو ويو ته يا استعيفيٰ ڏيان يا ڊگهي موڪل تي هليو وڃان. هن سوال اٿاريو ته ڇا هڪ ماتحت طرفان اهڙو پيغام ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو، چونڊيل وزيراعظم جي هتي اها عزت رهجي وئي آهي.

ڏٺو وڃي ته گذريل ستر سالن کان اسان جي ملڪ سان اختيارن جي ويڙهه ”وڙهڻ سانَ، لتاڙجن ٻوڙا“ واري پرِ ٿي آهي.جنهن سوچ تحت هيءُ ملڪ قائم ٿيو هو، تنهن کان ملڪ جي قيام جي فقط ٻن سالن کان پوءِ هن ملڪ جي بانيءَ جي لاڏاڻي سبب هن ملڪ کي گهڻو پري رکيو ويو. اڄ جي پاڪستان ۽ اهو پاڪستان جنهن جو نقشو 11 آگسٽ 1948ع ۾ قائد اعظم محمد علي جناح پيش ڪيو هو، تنهن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. نه رڳو ايترو پر صوبن جي اها حيثيت جيڪا 1940ع واري قرارداد ۾ تسليم ڪئي وئي، اڳتي هلي قرارداد مقاصد آڻي ان تان پير پوئتي ڪيا ويا، ايئن وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ملڪ جي قيام کان وٺي جيڪو تضاد آهي سو هلندو پيو اچي.

ملڪ جي قائم ٿيڻ جي اٺن سالن تائين هيءُ ملڪ بنا آئين جي هلندو رهيو، آئين جيئن ته اهڙو روڊ ميپ ٿيندو آهي، جنهن کانسواءِ ڪو به ادارو، تنظيم ۽ ملڪ هلي نه ٿو سگهي، سو اٺن سالن تائين هي ملڪ بغير ڪنهن دڳ جي هلندو رهيو، 1956ع ۾ جيڪو ائين ڏنو ويو سو به متفقه نه هئڻ ڪري جٽاءُ نه ڪري سگهيو. ملڪ کي حقيقي آئين 1973۾ يعني ملڪ قائم ٿيڻ جي پنجويهه سالن کان پوءِ مليو.1973 ع ۾ ملڪ کي متفقه آئين ملڻ کان اڳ پاڪستان ٽن آمريتي دورن مان گذري چڪو هو ۽ متفقه آئين کان پوءِ به جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف جي طويل آمريتن کي ڀوڳي چڪو آهي.

اها به حقيقت آهي ته هتي فرد واحد يا آمرن جي اقتدار جو مدو ته ڏهن ڏهن سالن تي مشتمل رهيو آهي پر جمهوريت کي ۽ چونڊيل عوامي حڪومتن کي ساهه کڻڻ جي وٿي ئي ناهي ملندي رهي. ذوالفقار علي ڀٽي کان ويندي محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف تائين چونڊيل حڪومتن کي جيڪي اختيار حاصل رهيا آهن، انهن سان جيڪي ڪجهه وهيو واپريو آهي سو ڪنهن کان ڳجهو ناهي.

ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هتي جمهوريتن ۽ چونڊيل حڪومتن خلاف سازشن جي ڊگهي تاريخ پئي رهي آهي. سياستدانن کي بدنام ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪارروائين جي تاريخ به ڪنهن کان ڳجهي ناهي پر اها به حقيقت آهي ته سياستدان ۽ سياسي جماعتون به سندن خلاف سازشن ۾ استعمال ٿيندا رهيا آهن، اڄ نواز شريف اڪيلو آهي ۽ کيس ٻين جماعتن کان شڪايت آهي ائين ڪالهه ميمو گيٽ اسڪينڊل بعد گذريل پ پ سرڪار جڏهن لڳ ڀڳ اڄوڪي صورتحال جهڙي صورتحال ڀوڳي رهي هئي ته ميان نواز شريف ان سان گڏ بيهڻ بدران ان جي خلاف بيٺل هو.

سو چوڻ جو مطلب ته سياسي جماعتن کي توڙي ادارن کي گذريل ستر سالن ۾ حقيقت پسند ٿي پنهنجي پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺڻ گهرجي، نه رڳو جائزو وٺڻ گهرجي پر خود احتسابيءَ کان ڪم وٺندي جنهن کان جيڪي غلطيون ٿيون آهن تن جي سرعام قوم کان معافي وٺڻ گهرجي، نه رڳو ايترو پر هر ڪنهن کي آئين جي دائري ۾ رهندي ڪم ڪرڻو پوندو، ڇو جو آئين قومن جو روڊ ميپ ٿيندو آهي، ان روڊ ميپ تحت ئي قومون اڳتي وڌي سگهنديون آهن، آئين اورانگهڻ، آئين ٽوڙڻ ۽ آئين کان مٿانهان قدم کڻڻ جڏهن قومي ڏوهه قرار ڏنل آهي ته پوءِ جيڪو به اهڙي ڏوهه جو مرتڪب ٿئي، تنهن خلاف آئين ۽ قانون تحت ڪارروائي تي ارهو ٿيڻ بدران قانون کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته هيءُ ملڪ سنئين راهه تي اچي سگهي ٿو.

چونڊيل حڪومتون جيئن ته عوام جون چونڊيل هجن ٿيون، تنهن ڪري آئين ۾ جيڪي اختيار آهن سي استعمال ڪرڻ جا انهن کي اختيار هئڻ گهرجن، جيڪي جماعتون ڪم ڪنديون، خدمت ڪنديون، ڊليور ڪنديون، عوام انهن کي وري به ووٽ ڏيندو پر جيڪي عوام کي ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون، سي چونڊن ۾ رد ٿي سگهن ٿيون، ڇو جو عوام کان بهتر ڪو جج ڪونهي، ميان نواز شريف جيڪو عدالتي بيان قوم آڏو رکيو آهي تنهن جي ان ڪري به تفصيلي ۽ اڻ ڌري جاچ جي ضرورت آهي جيئن کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي عوام سامهون ظاهر ٿي سگهي.

جمعو 25 مئي 2018ع، 9 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسافرن کان من پسند ڀاڙا اوڳاڙيندڙ ٽرانسپورٽرن کي ناڪيلي وجهو

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو عيد جي موقعي تي ٽرانسپورٽرن من مستي ڪندي ڀاڙا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے