19 اڱارو , جون 2018

چونڊون-اسٽيبلشمينٽ ۽ عوام

اقبال ملاح

مون کي ياد ٿا اچن اهي ڏينهن جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي ٿر ۽ ڪامريڊ عرس سيلرو شهدادڪوٽ مان ڏاڍن سامهون هيڻن جو آواز بڻجي اليڪشن ۾ بيٺا هئا، اسان کي خبر هئي ته اسين ڪامريڊ ساٿي چونڊن ۾ سوڀارا ڪو نه ٿينداسين، کٽڻا اهي ئي آهن، جن کي اسٽبلشمينٽ جو آشيرواد حاصل آهي، جي ائين نه هجي ها ته سنڌ جي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي قومي اسيمبلي جي کٽيل چونڊ نتيجن کي بدلايو نه وڃي ها، پر اسان ڪامريڊ ساٿين رڳو ڀوتارڪي دٻ دٻي ۽ هڪ خاص جاگيرداراڻي سوچ ۽ نفسيات کي للڪارڻ لاءِ چونڊ وڙهي هئي، اسان جي هٿن ۾ ڏاٽي ۽ هٿوڙي جي نشان وارا جهنڊا کنيل هوندا هئا ۽ اسين اليڪشن ۾ هي گيت ڳائيندا هئاسين ”خبردار هاري ڀوتار آيا، پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا“ 1988 کان 2018 تائين 30 سالن تائين سج لهندو ۽ اڀرندو رهيو، انهن ٽن ڏهاڪن ۾ ڪئين ڀوتار ۽ سردار ارب پتي، کرب پتي بڻجي ويا، پر جي ناهي بدلي ته منهنجي طبقي جي ماڻهن جي تقدير ناهي بدلي، اڄ به هاري جي ٻار جا پير اگهاڙا آهن ۽ هو پيٽ بکيو آهي.

آئون لڳاتار ان ڳالهه تي ويچاريندو رهيو آهيان ته آخر اسٽبلشمينٽ ملڪ جي جاگيردارن-سردارن ۽ نسل پرست شهري ڀوتارن تي مهربان ڇو رهي آهي…؟ پاڻ سنڌ جو ئي مثال وٺون، 1988 کان اڄ تائين سنڌ جو اقتدار وچولي ۽ هيٺين طبقي جي قيادت جي هٿن ۾ ناهي آيو، مون ته پوين ٽن ڏهاڪن ۾ جڏهن به وزيرن کي ڏٺو آهي ته سدائين پروٽوڪول ۾ ڏٺو آهي، سوين پوليس گاڏين جي قافلن ۾ هو سنڌ کي فتح ٿيل وطن سمجهي ڦريندا ۽ لتاڙيندا رهيا آهن، اسان جي ئي ووٽ تي چونڊيل جمهوري جاگيردار ۽ سردار اسان جي اسڪولن جا فنڊ کائيندا رهيا آهن ۽ سندن اوطاقون اسان جي سرڪاري اسپتالن جي پيسن تي هلنديون رهيون آهن، ڏک ته ان ڳالهه جو آهي ته وري هو هر پنجن سالن کان پوءِ سينگارجي، سنوارجي اچي اسان ماڻهن وٽ بيهن ٿا، اسٽبلشمينٽ اقتدار جي هن راند جي ميدان ۾ رڳو ڀوتار اميدوار مٽائيندي رهي ٿي، هي ملڪ ۽ اسان جي سنڌ بهتر ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ خراب حالتن ڏانهن وڃي ٿي ڌڪبي، منهنجي اها ذاتي راءِ آهي ته پراڻ پسند غير جمهوري قوتون سندن اتحادي سول نوڪر شاهي ۽ جمهوري جاگيردار رڳو پنهنجن نظرياتي، سياسي ۽ ذاتي مفادن خاطر سماج کي جيئن جو تئين رکڻ گهرن ٿا، تنهن جي ڪري ئي ٽنهي قوتن جي گڏيل ڳٺ جوڙ ڪري پاڪستان اندر هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي نظرياتي سياست تي ڌاڙو هنيو ويو آهي ۽ هو ان ڌاڙي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حق به اسان کان کسي ويٺا آهن.

وڏي عرصي تائين اسٽبلشمينٽ جو دادلو رهندڙ ۽ اڄ جو باغي نواز شريف ملڪ جي سگهارن هٿن کي خلائي مخلوق چئي کين “مجهي ڪيون نڪالا” وارو ڏوراپو ڏئي رهيو آهي، هو اقتدار جي ڇڪتاڻ ۾ جن رازن کي پڌرو ڪري رهيو آهي، تن ته پاڪستان ۾ چونڊن، چونڊ نتيجن ۽ ان کان پوءِ چونڊجي آيل حڪومتن ۽ پارليامينٽ جي مضبوط ۽ بااختيار هجڻ کي ئي متنازعه بڻائي ڇڏيو آهي. هو“نظرياتي” بنجڻ کان پوءِ چوي ٿو ته اڳوڻي جنرل پرويز مشرف تي غداري وارو ڪيس داخل ڪرڻ ڪري کيس استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، هن انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ڳجهن ادارن جي آفيسر استعيفيٰ يا ڊگهي موڪل تي وڃڻ جو سنيهو ڏنو، نواز شريف چوي ٿو ته کيس ڏک ته اهو ٿيو ته ماتحت اداري جي ملازم کيس اچي اهڙو پيغام ڏنو.

نواز شريف جي اهڙن انڪشافن کان پوءِ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ ۽ اسان جي ووٽ جي حيثيت ڪهڙي ٿي رهي.؟ ڳالهه 88 کان اڳ تائين اتي ئي بيٺي آهي ته انهن ٽن ڏهاڪن ۾ به جمهوريت جي گاڏي ان ئي اسٽيشن تي بيٺل آهي ۽ حقيقت اها آهي ته سياسي طرح جمهوريت جي اها گاڏي ٻي اسٽيشن تي پهتي ئي ناهي، اڄ به اسان هي اصطلاح استعمال ڪيون ٿا ته پاڪستان اندر ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي آهي، رڳو اقتداري ڪرسي تي چهرا بدلجن ٿا، حقيقي عوامي جمهوريت جو سج نٿو اڀري ۽ اقتدار عوام ڏانهن منتقل نٿو ٿئي، ان سڄي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ آئون ان راءِ جو آهيان ته هن ملڪ ۾ جمهوريت، پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي ايستائين ناهي ٿيڻي جيستائين اقتداري ٽڪنڊي جي ياري برقرار آهي.

مسلم ليگ (ن) جو سربراهه نواز شريف پنجاب ۾ ”ووٽ کي عزت ڏيو“ واري ڳالهه ڪري پنجاب کي فتح ڪرڻ گهري ٿو ۽ سنڌ ۾ اهي ساڳيا ئي جمهوري وڏيرا ۽ سردار چونڊن جي تيارين ۾ آهن، جن اليڪشن ذريعي اقتدار حاصل ڪري پنهنجون ٽجوڙيون ڀريون آهن، ٻي ڪنهن نئين ڌر جي منظم ۽ متحد ٿي سامهون نه اچڻ ڪري مون کي چونڊ نتيجن کان پوءِ به هن ڪرپٽ، بدبودار، ظلم ۽ جبر تي ٻڌل نظام ۾ تبديلي ايندي نظر نٿي اچي، اليڪشن جي اعلان کان پوءِ ڪجهه پراڻا ۽ نوان شڪاري اچي ميدان تي لهندا، هو سکڻا آسرا ۽ دلاسا ڏئي اليڪشن ۾ سوڀارا ٿيندا ۽ ٻيهر اقتدار ۾ اچي پيسن جي حوس جي شڪاري پنهنجي پارٽين جي سربراهن جي چوڻ تي منهنجي وطن جي مسڪين ماڻهن جا اربين روپيا لٽيندا ۽ کين تحفي طور موڪليندا رهندا، اسين سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا پر خاموش ۽ بي زبان آهيون، هاڻ اسان کي ڳالهائڻ گهرجي ۽ پنهنجي ووٽ کي هڪ نظرياتي معنيٰ ۽ مقصديت ڏئي پنهنجي طبقي جي مفادن سان جوڙڻ گهرجي.

ويڙهاند نظرياتيءَ سان گڏ نفسياتي به ٿيندي آهي، فرسوده سوچ رکندڙ جاگيردارن ۽  شهري وڏيرن هڪ وڏي حڪمت عملي تحت سياست ۽ اقتدار اعليٰ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هلايو آهي ته سياست اميراڻو شوق آهي، غريب جي وس جي ڳالهه ناهي، ان نفسياتي واويلا جو اثر ظاهري طرح نظر ايندڙ ڪامريڊن تي به پيو، مون کي ته هاڻ اهي ڪامريڊ وڏيرا به ناهن وڻندا، جن نظرياتي سياست جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي طبعيت، نفسيات ۽ مزاج ۾ ساڳيا جاگيردار لڳا پيا آهن، قافلا گذرندي جيڪڏهن سندن چهرو نه ڏسجي ته ڄڻ ڪو سردار جو پيو گذر ٿيندو هجي، سردارن وانگر سندن قافلن جو انداز، گارڊ ۽ گاڏيون به ساڳيون هجن ٿيون، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان وٺي ڪامريڊ حسن مگسي تائين سمورن نظرياتي ڪردارن سياست کي محلن مان ڪڍي هارين جي ڪکاون گهرن ۾ آندو، پر اڄ جا سردار وري سياست کي محلن ۾ قيد ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن، اسان کي نفسياتي طرح سياست کي ڏاڍن کان آزاد ڪرائڻو آهي ۽ نظرياتي سياست وارو جهنڊو ٻيهر ان هاري حوالي ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻا آهن، جنهن هاري جو ذڪر حسن درس پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي.

مون کي اها ڳالهه ڏاڍي تڪليف ڏيندي آهي، جڏهن ڪو نظرياتي سياسي ڪارڪن ڪنهن جاگيردار ۽ سردار جي گاڏيءَ جو در کوليندو آهي، اليڪشن جا نتيجا ڪهڙا اچڻا آهن، واري سوال تي منهنجي پراڻي ڪامريڊ هڪ دوست کلي چيو جيڪي اڄ تائين ايندا رهيا آهن، ساڳيا چهرا يا انهن جا مٽ مائٽ… اهو جملو مون لاءِ وڄ ٿي ڪريو، جڏهن هن ٻڌايو ته هڪ نيٺ نظرياتي ساٿي اڄڪلهه چونڊن ۾ سردارن جي ورڪ لاءِ تياري پيو ڪري، تاريخ جو ڦيٿو رڪڻو ته ناهي پر جي نظرياتي انقلابي ساٿي به ڪني، پسمانده ۽ پٺتي پيل قوتن سان گڏجي بيهي رهن ته اقتصادي، سياسي ۽ نظرياتي طرح سنڌ ڪٿي وڃي بيهندي ۽ اسان جي نئين نسل جو ڇا ٿيندو.؟

اسان ٻي مٽيءَ مان ٺهيل ماڻهو آهيون، اسان جي استادن اسان کي اقتداري وهڪرن جي ابتڙ هلڻ ۽ ترڻ سيکاريو آهي، تنهن ڪري نئين سنڌ اڏڻ لاءِ اسان جي نوجوانن، پورهيتن، هارين ۽ مزدورن کي ظاهري طرح طاقتور نظر ايندڙ وڏن ماڻهن سامهون بيهي رهڻ گهرجي، هو جن کي ووٽ لاءِ موڪلين ٿا تن کان سوال ڪرڻ گهرجن، صفا سادا ۽ سچا سوال ته اسان جي شهر ۽ ڳوٺ ۾ سرڪاري اسپتال جا فنڊ ڪيڏانهن ويا، اوهين منرل واٽر پيو ٿا ۽ اسين زهريلو پاڻي پيا واپرايون، اسان وٽان گيس به نڪري ٿو ۽ پيٽرول به، پر پوءِ به سولي نموني گهرن جي چلهه نٿي ٻري، جيڪڏهن اسان ۽ اوهان هڪ آهيون ته اوهان جا ٻار اسان جي ٻارن سان گڏ سرڪاري اسڪولن ۾ هڪ بينچ تي ڇو نٿا ويهن، فصل لهن ٿا ته ٽڪي ڌڙي ڇو ٿا وڪامجن، اسان جي ووٽ سان اوهان لاءِ اقتدار جا در کلن ٿا ۽ اسان جي لاءِ روزگار جا در بند ڇو هجن ٿا.؟ اسان پوليس جي پادرن ۾ آهيون ۽ اوهان جا ٺٺ ٺانگر ڇو..؟ اسان روڊ حادثن ۾ مرون ٿا ۽ اوهين وڏين گاڏين ۾ سلامت هجو ٿا. ويهي ڪري سوال ٺاهيو، سوال ڪيو ۽ خوف کان مٿاهان ٿي سوچيو.

هڪ سوال هڪ سوچ بڻجي اقتدار جي اصل ڌڻين ۽ اها خلائي مخلوق جنهن جي ڳالهه نواز شريف ڪري ٿو، انهن ڏانهن هي نئون نياپو وڃڻ گهرجي ته هي وطن اسان جو آهي، هارين، پورهيتن ۽ شاگردن، مزدورن ۽ وچولي هيٺين طبقي جو آهي، اسان کي سردارن، جاگيردارن ۽ نسل پرست شهري وڏيرن جي غلامي قبول ناهي، اسين تبديلي چاهيون ٿا، مون جيئن لکڻي جي شروعات ئي ان ڳالهه کان ڪئي آهي ته اسان چونڊون هڪ خاص نظرياتي سوچ هيٺ وڙهيون هيون، تنهن ڪري منهنجي هيءَ نماڻي گذارش آهي ته سنڌ ۾ وڏيرن، جاگيردارن ۽ سردارن کان قبضي هيٺ آيل سياست آجي ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي مڙني ڌڙن، گروپن ۽ تنظيمن کي هڪ نعري ۽ جهنڊي هيٺ اليڪشن وڙهڻ گهرجي، هڪ طرف صدين جي غلامي آهي ۽ ٻئي طرف باوقار زندگي، هڪ طرف جاگيردار، سردار ۽ سول بيورو ڪريسي جي ڳٺ جوڙ سان ٺهيل نظام آهي ۽ ٻئي طرف هاري، مزدور ۽ وچولي طبقي جي نظرياتي سياست. اسان کي نظرياتي سياست جي ئي پاسي ٿيڻ گهرجي، ان مسڪين ماءُ جي پاسي ٿي بيهڻ گهرجي، جنهن جي گهر ۾ عيد جو چنڊ بک، ڏک ۽ درد جا نياپا کڻي اڀري ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي تاريخ ۾ انوکو مزاحمتي باب۔۔۔۔

سنيتا راٺوڙ سنڌ توڙي ملڪي حالتن کي غور سان ڏسبو ته ھڪ نئون مزاحمتي محاذ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے