18 سومر , جون 2018

سچو ۽ سڌو اڳواڻ

عارف  نظامي

خبرين گروپ جي ايڊيٽر ان چيف ۽ ڪجهه ئي ڏينهن اڳ سي پي اين اَي جي صدر جي عهدي تان ذميواريون ڇڏيندڙ ضياءَ شاهد، قائد اعظم جي زندگيءَ تي ڪتاب لکي قوم جي هڪ وڏي خدمت ڪئي آهي. ڪتاب جي تعارف ۾ لکيل آهي ته پاڪستان جي باني قائد اعظم جي شخصيت جي حوالي سان مختلف ڪتابن ۾ ڪيئي واقعا بيان ڪيل آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ رهنمائي ڪري سگهن ٿا. محترم ضيا شاهد قوم جي هيرو محمد علي جناح جي موڪليل هڪ تار جو ذڪر پڻ ڪيو آهي، جنهن ۾ جناح صاحب چيو آهي ته، ”مان سيٽ هارائڻ پسند ڪندس بنسبت ان جي ته مان سيٽ خريد ڪيان؟“. اهڙي نموني ضيا شاهد هن ننڍڙي جملي ۾ اسان جي ملڪ ۾ جيڪا ”سيٽن“ جي ”لوٽ سيل“ لڳل آهي ان صورتحال کي مڪمل طور تي بيان ڪري ڇڏيو آهي.

مزي جي ڳالهه اها آهي ته رائيل پام ۾ ڪتاب جي ٿيندڙ مهورتي جي تقريب جي صدارت تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ڪري رهيو هو، جيڪو سياست جي ان مينا بازار ۾ سڀ کان وڏو خريدار آهي. سمورو هال ان جي متوالن ۽ رانديگرن سان ڀريل هو. تقريب ۾ مهمانداريءَ جا فرض ضيا شاهد جو پُٽُ امتنان شاهد ادا ڪري رهيو هو. تقريب ۾ خبرين جي چيف ايگزيڪيٽو ضياءَ شاهد پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ ميان نواز شريف جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ ان جي پاليسين ۽ بيانن جي سختيءَ سان نندا ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان سان سلهاڙيل اميدن جو ڀرپور نموني ذڪر ڪيو. انهيءَ موقعي تي پنهنجي تيز ۽ تند تقريرن ۽ جملن جي حوالي سان مقبول ڪالم نگار حسن نثار پنهنجي تقرير ۾ اهو مشورو ڏنو ته ڪوبه هن ڪتاب کي نه پڙهي ڇو جو اوهان کي هن ڪتاب پڙهڻ بعد سياستدانن کان ڪرڀ ۽ نفرت ٿي پوندي.

حسن نثار جي ڳالهه به درست آهي ڇو جو ملڪ جو ڪوبه سياستدان قائد اعظم جي پيرن جي ڌوڙ برابر به نه آهي، انهيءَ ڏس ۾ مون پنهنجي تقرير ۾ برادرم حسن نثار جي ڳالهين جي پٺڀرائي ڪندي سندس ڳالهه سان ٿورو اختلاف به رکندي چيم ته هن ڪتاب کي ملڪ جي سياستدانن لاءِ ٽيڪسٽ بوڪ جي صورت ۾ لاڳو ڪيو وڃي. تقريب جي صاحب صدر عمران خان جنهن کي شوڪت خانم ميموريل اسپتال جي افطار ڊنر ۾ به وڃڻو هو ان پنهنجي تقرير انتهائي مدلل انداز ۾ ڪندي  اسلامي فلاحي رياست جي مقصد کي قائد اعظم جو آئڊيل قرار ڏنو.

عمران خان پنهنجي تقرير ۾ شايد اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجي تقرير ۾ قائد اعظم جي سڀ کان وڌيڪ اهم سياسي فڪر ”جمهوريت“  جو ذڪر ڪرڻ وساري ويٺو ( جيئن ته ڄاڻايل ڪتاب جي مطالعي مان ئي ظاهر آهي ) ڇو جو قائد اعظم جهڙوڪر پاڻ ئي جمهوريت جو سروپ روپ هو، هُو پنهنجي سڄي عمر مسلم ليگ جي تعمير سازي ۽ پاڪستان جي قيام لاءِ جمهوريت جو درس ڏيندو رهيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته قائد اعظم پاڪستان جي ٺهڻ بعد ستت ئي رحلت ڪري ويو ۽ ان بعد سندس ويجهو ساٿي لياقت علي خان ۽ مسلم ليگ جا ٻيا جهونا ۽ سينيئر ساٿي مسلم ليگ جي رستي تان هٽي ويا، جنهن جو ملڪ کي تمام وڏو نقصان پهتو ۽ اڃان تائين پهچي رهيو آهي.

اهڙي صورتحال مان اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ منزل انهن کي ملي جيڪي سفر ۾ شريڪ ئي نه هيا، پاڪستان جي ٺهڻ جي مخالفت ڪندڙ مذهبي عنصر پاڪستان جا حامي بڻجي ويا. جمهوري اصولن کي انهيءَ حد تائين پائمال ڪيو ويو جو پاڪستان جي سرزمين بي آئين بڻجي وئي. پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ان وقت تائين جڏهن فوج جي سربراهه ايوب خان اقتدار تي قبضو ڪري ورتو جنهن بعد اهڙي صورتحال بڻجي وئي جو سياستدانن کي 1958ع جي مارشلا کي ڀلي ڪار ڪرڻو پيوتڏهن کان هن وقت تائين چار مارشل لا لڳي چڪا آهن جنهن ڪري سولين ڪنٽرول ۽ جمهوري ادارن جي مضبوطي هڪ سراب بڻجي وئي آهي.

انتهائي خوبصورت نموني شايع ٿيل ڪتاب ”سچو ۽ سڌو اڳواڻ“ ڪتاب ۾ ضيا شاهد انتهائي محنت ڪري اهڙا واقعا ۽ معلومات گڏ ڪئي آهي جنهن مان قائد اعظم جي سياسي مقصد ۽ نظريو پوري طرح سان واضع ٿي وڃي ٿو. مثال طور هو اسٽيٽ بيئڪ آف پاڪستان جي سربراهه ممتاز حسن جي قائد اعظم سان ملاقاتن جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ممتاز حسن مطابق ”هندستان جي سياسي حلقن جي حوالن سان اڪثر ڪري اهو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته  قائد اعظم محمد علي جناح جي طبعيت آمريت ڏانهن مائل آهي ۽ هو ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ گوارا نه ڪندو آهي، جيڪا اصل ۾ هندن جي پروپيگنده هئي. مان سمجهان ٿو ته قائد اعظم جي شخصيت تي ان کان وڏو بهتان هڻي نه پيو سگهجي، قائد اعظم جهڙوڪر پاڻ مجسم جمهوريت هو ۽ جمهوريت ۾ مخالفن جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ انهن تي غور ڪرڻ جمهوريت جو حسن ۽ خاصيت هوندو آهي“. ممتاز حسن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ”مون کي ياد آهي ته هڪ موقعي تي مون ان جي هڪ راءِ سان شديد اختلاف ڪيو، اهو هڪ مالي معاملو هو ۽ مان سمجهي رهيو هوس ته مان ان معاملي ۾ پنهنجي دل جي سچائيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهيان ۽ منهنجي ڳالهه ئي فائدي مند آهي. مان پنهنجي ڳالهه ڪندو رهيس ۽ هو ڳالهه ٻڌندو رهيو، قائد اعظم مون سان بحث به ڪيو پر مون کيس سڌو چيو ته اوهان کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪندس ته مان اوهان جي نقطهِ نظر جو حامي نه آهيان ته ان جي مٿي تي هڪڙو به گهنج نه آيو ۽ قائد اعظم چوندو رهيو ته اوهان کي اختلاف راءِ جو حق حاصل آهي“.

ڪي ايڇ خورشيد جيڪو پاڪستان جي گورنر جنرل قائد اعظم جو پهريون سيڪريٽري جنرل هو، هو قائد اعظم جي مذهبي نظريي جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته قائد اعظم جي حوالي سان اها ڳالهه بلڪل واضع آهي ته هو هڪ سادو سودو مسلمان هو ۽ مذهبي فرقن ۾ منجهڻ پسند نه ڪندو هو. پاڪستان جي قيام جي حوالي سان هُن مصر جي دوري دوران شيفرڊ هوٽل ۾ هڪ اخباري نمائندي سان ڳالهائيندي جيڪو بيان ڏنو ان تي هميشه ڪاربند رهيو. هُن بيان ۾ چيو هو، ”آئين جي ڏس ۾ اسان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، اسان جي لاءِ آئين تيرنهن سو سال اڳ ئي جوڙيو ويو هو“، جڏهن ته ڪي ايڇ خورشيد جو وڌيڪ چوڻ آهي ته قائد اعظم هڪ مذهبي رياست بڻائڻ چاهي پيو، ان جي ڳالهه ان حد تائين ته درست آهي ته پاڪستان مذهب جي بنياد تي وجود ۾ آيو هو، ڇا؟ ان حوالي سان اهو سٺو نه ٿئي ها ته ضيا شاهد قاعد اعظم جي 11 آگسٽ 1947ع جي دستور ساز اسيمبليءَ جي انهيءَ تقرير جو حوالو به ڏئي ڇڏي ها جنهن ۾ هُن چيو آهي ته، ”اوهان آزاد آهيو، اوهان آزاد آهيو پنهنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ، اوهان آزاد آهيو پنهنجي مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ ۽ اوهان پاڪستاني رياست ۾ پنهنجي مذهبي عبادت گاهن ۾ وڃڻ لاءِ بلڪل به آزاد آهيو ، ڀلي اوهان جو تعلق ڪهڙي به رنگ، نسل ۽ ذات سان ڇونه هُجي، رياست کي ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي“، ڪي ايڇ خورشيد وڌيڪ لکن ٿا ته ”جڏهن  قائد اعظم شديد بيمار هو ته لياقت علي خان کيس مشورو ڏنو ته پرڏيهه مان ڊاڪٽر گهرائجي پر قائد اعظم انڪار ڪري ڇڏيو“، جڏهن ته هن وقت اسان جي اڳواڻن جي روايت بڻجي وئي آهي ته جيڪڏهن انهن کي نڇ به اچي ٿي ته هو پنهنجي خاندان سميت لنڊن روانا ٿي وڃن ٿا، ڪي ايڇ خورشيد جي حوالي سان ان پروپيگنده جو اثر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته قائد اعظم جو مزاج آمراڻو هو، ڪي ايڇ خورشيد موجب قائد اعظم جو مزاج آمراڻو بلڪل نه هو پر هو ڪم ۾ ڪوتاهي يا بي اصولي صفا برداشت نه ڪندو هو ۽ جنهن به ماڻهوءَ کان اهڙي غلطي ٿي ويندي هُئي ان جو سختيءَ سان نوٽس وٺندو هو.

ڪي ايڇ خورشيد مطابق جيڪڏهن ڪنهن ميٽنگ ۾ لياقت علي خان دير سان ايندو هو ته قائد اعظم کي اها ڳالهه بلڪل به ناگوار لڳندي هُئي. ڪي ايڇ خورشيد پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته قائد اعظم سچي ۽ صاف جمهوري مزاج وارو ماڻهو هو، هو آمريت سان شديد نفرت رکندو هو. هڪ دفعي ڪنهن سياسي جلسي ۾ هڪ ڪارڪن پاڪستان زنده باد جي نعري بعد، شهنشاهه پاڪستان جو نعرو هنيو ته قائد اعظم کيس جلسي ۾ اسٽيج تي سڏائي سختيءَ سان ڇنڀيو ۽ چيو ته مان نه شهنشاهه آهيان ۽ نه ئي شهنشاهه ٿيڻ چاهيان ٿو“.

مسلم ليگ ( ن ) جيڪا پاڻ کي قائد اعظم جو جانشين هجڻ جي دعويدار آهي ۽ ميان نواز شريف پاڻ کي قاعد اعظم ثاني سڏائڻ پسند ڪندو هو، بدقسمتيءَ سان مسلم ليگ ۾ مسلم ليگ نالي کان سواءِ مسلم ليگ پارٽيءَ واري ڪا به ڳالهه نه آهي.  قائد اعظم جي جمهوري مزاج جو ذڪر ڪندي ڪي ايڇ خورشيد جو چوڻ آهي ته اهو تاثرغلط آهي ته مسلم ليگ ۾ صرف قائد اعظم جو حڪم هلندو هو. بقول ڪي ايڇ خورشيد قائد اعظم جمهوري انداز ۾ ملڪ هلائيندو هو، ان ڏس ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي، جنهن جو ذڪر مون پنهنجي تقرير ۾ پڻ ڪيو آهي ته قائد اعظم جلسن ۽ پارٽي تقريبن ۾ جيڪا ڳالهه ڪندو هو، هو اها ئي ڳالهه ذاتي ڪچهرين ۽ اجلاسن ۾ پڻ ڪندو هو، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته قائد اعظم جي قول ۽ فعل ۾ ڪوبه تضاد نه آهي. هن ڪتاب جو سرسري مطالعو ڪندي اهو شدت سان احساس ٿئي ٿو ته اسان قائد اعظم جي تعليمات کان ڪيڏو نه پري ٿي ويا آهيون، اسان وٽ سياست جو سڀ کان وڏو اصول ئي بي اصوليءَ جو شڪار بڻجي ويو آهي ۽ جهڙي نموني جمهوريت جي نالي تي جمهوري قدرن جو قتل عام ڪيو وڃي ٿو اهو سڀ جي سامهون آهي. تقريب جي صدارت جيئن ته عمران خان ڪري رهيو هو تنهنڪري کيس اهو سوچڻ گهرجي ته جوڙ توڙ جي سياست ڪرڻ ۽ پارليماني ميمبرن کي خريد ڪري پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ ڪيتري حد تائين قائد اعظم جي تعليمات جي حق ۾ آهي؟. مون عمران خان کي مشورو ڏيندي چيو ته هڪ ته اوهان خوشامدڙين کان بچو ۽ ٻيو ته اوهان جهڙي نموني تيزيءَ ۽ آسانيءَ سان موقع پرستن کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ڪري رهيا آهيو هو حالتون تبديل ٿيندي ئي اوهان کي به ايتري ئي تيزيءَ سان ڇڏي ويندا. مون کيس چيو، اوهان کي نواز شريف جي موجوده صورتحال مان سبق سکڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي تاريخ ۾ انوکو مزاحمتي باب۔۔۔۔

سنيتا راٺوڙ سنڌ توڙي ملڪي حالتن کي غور سان ڏسبو ته ھڪ نئون مزاحمتي محاذ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے