18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نواب آف بهاولپور جي پارٽي نيشنل عوامي پارٽي تحريڪ انصاف ۾ ضم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نواب آف بهاولپور نواب صلاح الدين عباسي تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪندي پنهنجي پارٽي به پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪري ڇڏي. تفصيل موجب ڏکڻ پنجاب مان تحريڪ انصاف کي هڪ ٻئي وڏي ڪاميابي ملي وئي آهي، ڏکڻ پنجاب صوبو محاذ کان پوءِ نواب آف بهاولپور پنهنجي نيشنل عوامي پارٽي کي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪري ڇڏيو.  ان ضمن ۾ نواب صلاح الدين عباسي تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ جهانگير ترين ۽ ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي نواب آف بهاولپور پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته هو پنهنجي پارٽي کي به پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے