22 جمعو , جون 2018

جمهوريت ۾ جيتري جان هئي اوتري دير تائين مشرف کي روڪي رکيو: خواجا سعد رفيق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته جمهوريت ۾ جيتري جان هئي اوتري دير تائين مشرف کي روڪي رکيو، اسان عمران خان جي مينڊيٽ جو تحفظ ڪيو آهي ته ان جي سزا نه ڏني وڃي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته مشرف جو نالو عدالت جي حڪم تي اي سي ايل مان ڪڍيو وي جمهوريت ۾ جيتري جان هئي اوتري دير تائين مشرف کي روڪي رکيو، جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ عمران خان جي پارٽي جو مرڪزي ڪردار رهيو آهي، ڪير امپائر جو آواز ڪڍندو آهي ۽ پاليامينٽ جي تذليل ڪندو آهي، پارليامينٽ جو جهنگلو ٽوڙو ويو، پي ٽي وي تي قبضو ڪرايو ويو ۽ عمران خان وڏي واڪي طاهر القادري کي واڌيون ڏيندو رهيو. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ اسان اليڪشن ڏانهن وڃي رهيا آهيون جڏهن نفرت پکڙجي رهي آهي ڇو ته نفرت جا جيڪي ٻج پوکيا ويا اڄ اُهي وڻ بڻجي چڪا آهن. خواجا سعد رفيق عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته ايوان توهان جي مينڊيٽ جو تحفظ ڪيو ۽ استعيفيٰ واپس ڪئي، جيڪڏهن توهان اڄ ايوان ۾ آگهيو ته اسان جي مهرباني آهي ان جي سزا نه ڏيو. اسان ڪنهن جي نااهلي جي حق ۾ ناهيون، وارو سڀني کي ڏنو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻو وڏو وزير ڪئين روڊ پار پئي ڪيو، ٻاهر پاڪستانين جي اها عزت هوندي آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال جي توهين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے