22 جمعو , جون 2018

نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ هڪ مهيني جي لاءِ 62 پيسا في يونٽ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. تفصيل موجب نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي هڪ مهيني جي لاءِ 62 پيسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. نيپرا ترجمان جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اپريل جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، اپريل ۾ بجلي جي پيدوارا لاڳت 6 رپيا 10 پيسا في يونٽ رهي جڏهن ته صارفن کان اپريل ۾ 6 رپيا 72 پيسا في يونٽ وصول ڪيا ويا. ان ڪري بجلي هڪ مهيني جي لاءِ 62 پيسا في يونٽ سستي ڪئي پئي وڃي. قيمتن ۾ گهٽتائي ڪي اليڪٽرڪ جي صارفن ۽ 300 يونٽ تائين استعمال ڪرڻ وارن تي لاڳو نه ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

In the case of illegal immigrants, former IG Ghulam Haider was responsible for the report

غير قانوني ڀرتين جي ڪيس ۾ اڳوڻو آءِ جي غلام حيدر ذميوار قرار، رپورٽ نيب حوالي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين بابت انڪوائري رپورٽ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے