18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

سول ملٽري تڪرار جو اثر جي آءِ ٽي تي پيو: مريم نواز جو بيان قلمبند

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ  ) مسلم ليگ اڳواڻ مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بيان قلبند ڪرائيندي چيو آهي ته سول ملٽري جهيڙي جو اثر جي آءِ ٽي پيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير طرفان داخل ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. مريم نواز پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ جي مدد لاءِ ٺاهي وئي ريفرنس لاءِ نه، سپريم ڪورٽ اهو نه چيو هو ته جي آءِ ٽي رپورٽ کي شاهدي طور ريفرنس جو حصو بڻايو وڃي، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کي اختيار ڏنا  ته جيئن قانوني درخواستن کي اڪلائي سگهجي، اهڙا اختيار ڏيڻ غير مناسب ۽ اڻ لاڳاپيل هو، جي آءِ ٽي جي جاچ هڪ طرفي هئي، جي آءِ ٽي شايد مختلف کاتن مان مخصوص دستاويز گڏ ڪيا آهن.  هن چيو ته جي آءِ ٽي جي ميمبرن تي خدشن بابت منهنجو به ساڳيو ئي موقف آهي جيڪو نواز شريف جو هو، آئين جو  آرٽيڪل 10 اي فيئر ٽرائل جو حق ڏئي ٿو، جي آءِ ٽي جي ميمبرن کي سپريم ڪورٽ مقرر ڪيو پر جي آءِ ٽي ميمبرن تي اسان جا خدشا هئا، جي آءِ ٽي جو هڪ ميمبر بلال رسول ميان محمد اظهر جو ڀاڻيجو هو، جڏهن ته ميان محمد اظهر پنجاب جو اڳوڻو گورنر رهي چڪو آهي،  هاڻي تحريڪ انصاف جو حمايتي آهي، بلال رسول ۽ سندس گهر واري مسلم ليگ ن جي کليل مخلاف ۽ پي ٽي آءِ جا حامي آهن.  هن چيو ته عامر عزيز کي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو، کيس 2000 ۾ پرويز مشرف جي حڪومت ۾ ڊيپوٽيشن تي نيب ۾ مقرر ڪيو ويو، عامر عزيز حديبيا پيپر ملز جي جاچ ڪئي. مريم نواز چيو ته جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ ڌر هو، هن پنهنجي سئوٽ اختر راجا کي سوليسٽر مقرر ڪيو، اختر راجا ڪوڙا دستاويز تيار ڪيا.  هن چيو ته آءِ ايس آءِ جو  برگيڊيئر نعمان سعيد ۽ ايم آءِ جي برگيڊيئر ڪامران به آءِ ايس آءِ ۾ شامل هو، ٻنهي ماڻهن جي جي آءِ ٽي ۾ مقرر مناسب نه هئي، 70 ورهين جي سول ملٽري تڪرار جو جي آءِ ٽي تي اثر پيو، برگيڊيئر نعامن سعيد ڊان ليڪس جي انڪوائري ڪميٽي جو حصو هو، ڊان ليڪس سبب سول ملٽري تڪرار ۾ اضافو ٿيو،  جي آءِ ٽي ۾ مقرري وقت نعمان سعيد آءِ ايس آءِ ۾ نه هو، نعمان سعيد کي آئوٽ سورس ڪيو ويو ڇو ته سندس پگهار به سرڪاري رڪارڊ ۾ ظاهر نه آهي.  سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي جي 10 جلدن تي ٻڌل جڙتو رپورٽ اڻ لاڳاپيل هئي، اها جاچ رپورٽ آهي جيڪا ناقابل قبول شاهدي آهي، جي آءِ ٽي جي پاڻ تيار آخري رپورٽ سپرمي ڪورٽ ۾ داخل درخواستون اڪلائڻ لاءِ هئي، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽِ جي شاهدين جي روشني ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو چيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے