18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ملتان ۾ سي ٽي ڊي جو ڇاپو، تحريڪ طالبان جا 3 مبينا دهشتگرد گرفتار

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) ملتان جي علائقي نواب پور ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي ٽن مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪري ورتو.  سي ٽي ڊي موجب ڳجهو اطلاع ملڻ تي ملتان جي علائقي نواب پور ۾ ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ ٽن دهشتگردن مزمل، اڪرم ۽ عبدالماجد کي گرفتار ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي جڏهن ته سندن قبضي مان دستي بم، بارودي مواد ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. سي ٽي ڊي موجب دهشتگرد حساس هنڌن ۽ اهم شخصيتن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا ته کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے