19 آچر , آگسٽ 2018

فاٽا ڪي پي جو حصو بڻجي ويو، قومي اسيمبلي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  قومي اسيمبليءَ ۾ فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ بابت 31 هين آئيني ترميم جو بل منظور ڪيو ويو. 31 هين آئيني ترميم جو بل قانون ۽ انصاف  واري وفاقي وزير محمود بشير ورڪ پيش ڪيو. بل موجب ايندڙ پنجن سالن تائين فاٽا ۾ قومي اسيمبلي جي 12 ۽ سينيٽ ۾ 8 سيٽون برقرار رهنديون، ايندڙ سال فاٽا لاءِ مخصوص صوبائي سيٽن تي چونڊون ٿينديون. فاٽا ۾ صوبائي قانون فوري طور لاڳو ٿيندو چونڊيل حڪومت قانون تي عملدرآمد بابت فيصلو ڪندي، بل ۾ سپريم ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو دائرو فاٽا تائين وڌائڻ ۽ ايف سي آر جي مڪمل خاتمي جو به ذڪر آهي.  فاٽا جي ڪي پي ۾ ضم جي بل جي اهميت کي نظر ۾ رکندي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به ٻن سالن بعد ايون ۾ پهتو.  بل پيش ڪرڻ سبب حڪومت کي پنهنجي ئي ميمبرن سبب پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، بل جي منظوري لاءِ آئيني طور 228 ميمبرن جڏهن ته ڪابينا ۾ اڌ وزيرن جي حاضري لازمي هوندي آهي پر حڪومتي ميمبر ئي ايوان مان گم هئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ذاتي طور  حڪومتي ميمبرن کي فون ڪري ايوان ۾ اچڻ جون هدايتون ڪندو رهيو.  قومي اسيمبلي ۾ صورتحال تنهن وقت دلچسپ ٿي جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن ۽ وزيرن جي انگ کي گهٽ محسوس ڪيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خورشيد شاهه چيو ته هي حڪومت يا مخالف ڌر نه پر  سڀني جو بل آهي،  اسان کي 150 سال جي تاريخ تبديل ڪرڻي آهي، اڌ ڪلاڪ وڌيڪ انتظار ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ناهي، ميمبر پورا ٿين ته بل پيش ڪنداسين، ٻن کانسواءِ باقي سمورا وزير موجود آهن. خورشيد شاهه چيو ته هي تاريخي بل آهي سموري قوم جون ظرون ان تي آهن، فاٽا جي ميمبرن کي اهي ئي حق ملندا جيڪي باقي پاڪستانين کي مليل آهن، اسان ته هڪ ڪلاڪ انتظار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.  ميمبرن جي حاضري پوري ٿيڻ کانپوءِ ڳڻپ ذريعي بل جي منظوري ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين طويل عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے