18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع، عمران خان به شامل

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز خان جي صدارت هيٺ شروع ٿي ويو آهي. اجلاس ۾ اڄ فاٽا سڌارن ۽ فاٽا ۾ ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ بابت ترميمي بل سميت مختلف بل پيش ڪيا ويندا ۽ مختلف معاملن تي بحث پڻ ٿيندو.پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان اڄ ڪيتري ئي عرصي بعد اجلاس ۾ شامل ٿيو آهي. عمران خان گهڻي عرصي کانپوءِ اڄ جڏهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پهتو ته صحافين کيس گهيري ورتو.صحافي کانئس سوال ڪيو ته خان صاحب ڪيتري عرصي بعد پارليامينٽ آيا آهيو؟ جنهن تي عمران خان جواب ڏنو ته مون کي ياد ناهي ڪيتري عرصي کانپوءِ پارليامينٽ آيو آهيان، جيڪڏهن صحيح طرح سان اسيمبلي هلائين ها ته مان روز اچان ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے