25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

هاڻي صرف هڪ ڪلڪ سان فيس بڪ کان واٽس ايپ تي پوسٽ شيئر ڪيو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)سماجي رابطي جي ويب سائيٽ فيسبڪ هڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جي مدد سان صارفين فيس بڪ جي مواد کي واٽس ايپ تي رڳو هڪ ڪلڪ ذريعي شيئر ڪري سگهندا. فيس بڪ انتظاميا هڪ نئون فيچر ”واٽس ايپ تي موڪليو“ متعارف ڪرائي رهيو آهي، جنهن جي مدد سان فيس بڪ صارفين پنهنجي من پسند مواد کي واٽس ايپ تي رڳو هڪ ڪلڪ ذريعي شيئر ڪري سگهندا پر اڃا تائين ان فيچر جي متعارف ڪرائڻ جي حتمي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. ٽيڪنالاجي بابت هڪ اهم ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته فيس بڪ ڪنهن مواد جي شيئر جي آپشن ۾ هڪ نئين فيچر ”Send to whatsApp“ جو اضافو ڪري رهي آهي جنهن کي چونڊيندي ئي فيس بڪ جو مواد واٽس ايپ ۾ انفرادي طور يا گروپ اڪائونٽن ۾ شيئر ٿي ويندو، ان فيچر جي مدد سان وڊيوز، تصويرون ۽ لکڻيون  شيئر ڪري سگهبيون

هي به ڏسي سگهو ٿا

پکين جي طرح پرواز سکڻ وارو روبوٽ گلائيڊر

سان ڊياگو(ويب ڊيسڪ) پکين جي پرواز اسان لاءِ 21 صدي ۾ به هڪ مثال بڻيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے