19 اڱارو , جون 2018

مريم کي عدالتن ۾ گهلڻ مهانگو ثابت ٿيندو: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته مشرف خلاف غداري ڪيس قائم ڪندي ئي مشڪلاتون ۽ دٻاءُ وڌايو ويو ۽ ڌمڪي واري انداز ۾ مشورو ڏنو ويو ته وزني پٿر کڻڻ وارو ارادو بدلائي ڇڏيان. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران بيان قلمبند ڪرائيندي نواز شريف چيو ته آصف علي زرداري جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته پرويز مشرف جي ٻي مارشل لا کي پارليماني واڌ ڏني وڃي پر ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهو ئي منهنجي اصل ڏوهه جو خلاصو آهي، اهڙا ڏوهه ۽ ڏوهاري توهان کي پاڪستان ۾ هر هنڌ ملندا. نواز شريف چيو ته هڪ ڳُجهي اداري جي آفيسر جو پيغام پهچايو ويو عهدي تان استعيفيٰ ڏيان يا ڊگهي موڪل تي هلايو وڃان، هن چيو ته کيس ان ڳالهه جو ڏک ٿيو ته ماتحت اداري جو ملازم مون تائين اهو پيغام پهچايو .اڳوڻي وزير اعظم چيو ته مشرف خلاف ڪيس شروع ٿيندي ئي اندازو ٿي ويو هو ته آمر کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ڪيترو ڏکيو ڪم هوندو آهي، سمورا هٿيار اهل سياست جي لاءِ ٺهيا آهن. جڏهن ڳالهه فوجي آمرن جي خلاف آئي ته فولادي ميڻ بڻجي ويندا آهن. نواز شريف چيو ته جنوري 2014 ۾ پرويز مشرف عدالت لاءِ نڪتو ته طئي ٿيل منصوبي جي تحت اسپتال پهچي ويو ۽ پُراسرار بيماري جو بهانو بڻائي ڪيس کان پاسيرو ٿي ويهي رهيو. انصاف جي تخت تي ويٺل جج مشرف کي هڪ ڪلاڪ لاءِ به جيل نه موڪلي سگهيا. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته 2014 جي ڌرڻن جو مقصد مونکي دٻاءُ ۾ آڻڻ هو، جيڪو ڪجهه ٿيو قوم جي سامهون آهي، هاڻي اهي ڳالهيون ڪو لڪيل راز ناهن رهيون، امپائرن جي آڱرين کڄڻ واري آهي، ڪير هو اهو امپائر، اهو ڪير به هو پر ان جي پٺڀرائي ڌرڻو لڳائيندڙن کي حاصل رهي. نواز شريف چيو ته پي ٽي وي، پارليامنٽ، وزير اعظم هائوس ۽ ايونِ صدر ۾ شر پسند عنصرن جي سبب ڪجهه محفوظ نه رهيو، مقصد هو ته مونکي پي ايم هائوس مان ڪڍيو وڃي، ته جيئن پرويز مشرف جي خلاف ڪارروائي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿئي. اڳوڻي وزير اعظم وڌيڪ چيو ته اهڙو منصوبو جوڙيندڙن جو خيال هو ته نواز شريف دٻاءُ ۾ اچي ويندو، رستن تي شر پسند عنصرن کي ويهاريو ويو ، چيو ويو ته وزير اعظم کي ڳچي ۾ رسو وجهي گهيليندي ٻاهر وٺي اينداسين. هن چيو ته مون مٿان لشڪر ڪشي ڪري پيغام ڏيڻ جو مقصد هو ته مشرف تي غداري ڪيس هلائڻ ايترو سولو ناهي، ۽ ڊگهي موڪل وارو مطالبو ان تاثر جي بنياد تي هو ته نواز شريف کي رستي تان هٽايو وڃي، آمريت ملڪ کي گهرا زخم ڏنا آهن، اڳوڻي وزير اعظم چيو ته ڪاش هتي لياقت علي خان، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو روح طلب ڪري سگهجي ها ۽ انهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ها ته توهان سان ڇا ٿيو کين آئيني مُدت ڇو نه پوري ڪرڻ ڏني وئي. نواز شريف چيو ته توهان سينيئرن ججن کي گهرائي پڇي سگهو ٿا ته هو ڇو هر مارشل لا کي ڀيلڪار چوندا رهيا، ڪاش اڄ توهان جيئري جرنيل کي گهرائي پڇي سگهو ها ته نواز شريف چيو ته پاناما ۾ عالمي ليڊرن جا نالا پڻ هئا، ڪيترن سربراهن خلاف ڪاروائيون ٿيو، پاڪستان ۾ اها ڪارروائي جنهن شخص خلاف ٿي ان جو نالو نواز شريف آهي جنهن جو نالو پاناما ۾ نه هو . نواز شريف چيو ته فريادي منهنجي خلاف ڪيس ثابت نه ڪري سگهيا، مونکي پنهنجي بچاءُ ۾ شاهديون پيش ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته هٿياربند فوج کي عزت ۽ احترام واري نظر سان ڏسندو آهيان، احتساب عدالت ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف دوران نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چور چور ڪوٺڻ تي وفاقي وزير دانيال عزيز کي چماٽ وهائي ڪڍي هئي.  اڳوڻي وزير اعظم چيو ته چماٽ هڻڻ وارو ڪلچر پي ٽي آءِ وارن جو ڪلچر آهي، ان جو ذميوار عمران خان آهي.  هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي اسيمبلي ۾ پڻ تحريڪ انصاف جي ميمبرن اهڙيون حرڪتون ڪندا رهندا آهن، هڪ هڪ ٿي پي ٽي آءِ سڀ پول پڌرا ٿي رهيا آهن.  نواز شريف چيو ته تحريڪ انصاف ڪي پي ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو، ڪو به ذڪر جوڳو ڪارنامو ٻڌايو، رڳو ڌرڻن ۽ امپائرن جي آڱر طرف ڏسڻ کانسواءِ پي ٽي آءِ ڇا ڪيو آهي. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف سئو ڏينهن وارو حڪومتي پلان ڏنو ان حوالي سان توهان جا ڪهڙا خيال آهن؟ ان جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته اهو ان کان اڳ به اهڙو پلان ڏئي چڪا آهن، پر عمل ڪهڙو ڪيو، پي ٽي آءِ  چيو ته 300 ڊيم ٺاهيندي، ڪٿي آهن، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته ايندڙ عام چونڊون”ووٽ کي عزت ڏيو“ جي نعري تي ٿيندو، هاڻ ته ماڻهو چوندا آهن ته اسان نعرو لڳائينداسين”ووٽ کي ۽ توهان جواب ڏيندئون ”عزت“ ڏيو. صحافيءَ سوال ڪيو ته پارٽي توهان جي بيان سان متفق آهي، جنهن جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته وزير اعظم چيو ته آهي پوري قوم هن جي بيان سان متفق آهي.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

ميانوالي (م ڊ) عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے