22 جمعو , جون 2018

پ پ ڌار صوبي جي سوچ بدران پاڻ تي لعنت وجهي: فاروق ستار

ڇا سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ لعنتي ناهن؟ خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پاري جي پارليماني قيادت ۾ سنڌ جي ورهاست واري معاملي تي زبردست گرما گرمي نظر آئي ۽ ٻنهي طرفان هڪ ٻئي تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي جلاس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صوبائي اسيمبلي سان خطاب تي تنقيد ڪئي، فاروق ستار بلاول ڀٽو زرداري سميت آصف علي زرداري کان نوٽيس وٺڻ ۽ مهاجرن کان معافي گهرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته توهان ٻين جي سوچ بدران پنهنجي عمل تي لعنت موڪليو. فاروق ستار جي ڳالهه جو جواب ڏيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ايم ڪيو ايم تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ڪراچي اسان جو آهي، ڪنهن جي پيءُ جي جاڳير ناهي، جيڪو به سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندو اُهو لعنتي آهي، توهان اُهي ماڻهو آهيو جيڪي هڪ ٻئي کي ماريندا آهيو، هڪ جرنل جي اِشاري تي ليٽي پوندا آهيو، ڪڏهن ن ۽ ڪڏهن ق جي پيرن ۾ پيا هوندا آهيو، پاڻ ئي پنهنجن کي ماريندا آهيو ۽ پاڻ ئي روئندا آهيو. خورشيد شاهه ايم ڪيو ايم جي ميمبر رشيد گوڊيل کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان الله جو شڪر اداڪيو، توهان کي ماءُ جون دعائون هيون، ان ڪري توهان قاتلاڻي حملي ۾ بچي ويا.نواب يوسف ٽالپر چيو ته سنڌ 91ع ٺاهه تحت پنهنجو حق گهري ٿي. ٻين جو حصو نه ٿا گهرون. سنڌ ۾ انسان ته ڇا پر جانورن کي به پاڻي نه پيو ملي. ان کانپوءِ پ پ ميمبرن واڪ آئوٽ ڪيو. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

جي ڊي اي ۽ ق ليگ ۾ چونڊ اتحاد، شفاف چونڊون ٿيندي نظر نه ٿيون اچن: پاڳارو

اسلام آباد (بيورو)  گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائيننس  ۽ مسلم ليگ ق ايندڙ عام چونڊن ۾ اتحاد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے