19 آچر , آگسٽ 2018

شوڪت عزيز ۽ لياقت جتوئي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئب اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ اڳوڻي وفاقي وزير لياقت جتوئي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نيشنل فرٽيلائز مارڪيٽنگ جي ايم ڊي ۽ ٻين جي خلاف جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب نئب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي او بي آءِ انتظاميا ۽ بينڪ آف پنجاب جي آفيسرن جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ شوڪت عزيز، لياقت جتوئي ۽ ٻين جي خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ سان گڏوگڏ سي ڊي اي آفيسرن ۽ ٻين جي خلاف پڻ جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي، جوابدارن تي بشارت حسين کي غيرقانوني طور متبادل توانائي بورڊ جو ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن سان 2 ڪروڙ 16 لک جو نقصان ٿيو، جوابدارن تي مبينا طور تي پنجاب جي ٻيلي کاتي جي زمين الاٽ ڪرڻ جو الزام پڻ آهي. شوڪت عزيز سان گڏ اڳوڻي سيڪريٽري اسماعيل قريشي، يوسف ميمڻ، غلام نبي مڱرئي، ايئر مارشل (ر) شاهد حامد ۽ ٻين تي به ريفرنس جو حڪم ڏنو ويو.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊکڻ ۾ پوليس گردي، ڳوٺاڻو گرفتار، اهلڪارن هٿان سندس ڀيڻ جي تذليل

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ شهر جي بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ سي آءِ اي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے