24 سومر , سيپٽمبر 2018

نگران وزيراعظم جي نالي تي اٽڪيل سُئي

موجوده حڪومت جو آئيني مدو 31 هين مئي تي رات جو ٻارهين وڳي مڪمل ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ٽن مهينن لاءِ نگران حڪومت قائم ٿيندي، جنهن جو ڪم  عام چونڊون ڪرائڻ ۽ چونڊن  کانپوءِ اقتدار  اڪثريت حاصل ڪندڙ جماعت حوالي ڪري هليو وڃڻ آهي. ارڙهين ترميم جي منظوريءَ کانپوءِ نگران وزيراعظم ۽ نگران وڏن وزيرن  جو مڪينزم  طئي ڪيو ويو، جنهن تحت قومي اسيمبليءَ ۾ قائد ايوان يعني وزيراعظم ۽ مخالف ڌر  جو اڳواڻ گڏيل صلاح مشوري سان نگران وزيراعظم جو نالو طئي ڪندا، جڏهن ته صوبن ۾ وري اهو ساڳيو ڪم وڏو وزير ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ سرانجام ڏيندا.

سو هاڻي جڏهن موجوده حڪومت ۽ اسيمبلين جو آئيني مدو مُٺ ۾ واريءَ وانگر تيزيءَ  سان گذري رهيو آهي، تنهن ڪري وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وچ ۾ نگران وزيراعظم جي مقرريءَ لاءِ  صلاح مشورن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، هن وقت تائين ٻنهي ڄڻن  ۾ ڳالهين جا پنج دور ٿي چُڪا آهن پر اهي سڀ جا سڀ بي نتيجي رهيا آهن، توقع ڪئي ٿي وئي ته اڱاري ڏينهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر سيد خورشيد احمد شاهه وچ ۾ جيڪا ملاقات رٿيل هئي، اميد ڏيکاري ٿي وئي ته هي معاملو اُن ۾ طئي ٿي ويندو پر ايئن نه ٿيو، اڄ وري  ٻنهي ۾ اُن ڏس ۾ ملاقات رٿيل آهي.

آئيني طريقيڪار  هي آهي ته ٻئي اڳواڻ  جي ڪنهن معاملي تي متفق نه ٿا ٿين ته پوءِ هي معاملو پارلياماني ڪميٽيءَ جي حوالي ٿي ويندو، جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا هڪ جيترا ميمبر شريڪ هوندا،  جتي اتفاق سان يا وري اڪثريت سان هن معاملي جو حل نڪرڻو آهي. پر جي پارلياماني ڪميٽي به معاملو  حل ڪرڻ  ۾ ناڪام ٿئي ٿي ته پوءِ هي ءُ معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن  هليو ويندو، جيڪا ئي اُن ڏس ۾ حتمي فيصلو ڪندي.

حڪومت ۽ مخالف ڌر طرفان  هن وقت تائين جيڪي به نالا نگران وزارت عظميٰ لاءِ سامهون آيا آهن، تن ۾ جسٽس رٽائرڊ ناصر المڪ، جسٽس ريٽائرڊ تصدق حسين جيلاني، عبدالله حسين هارون، اڳوڻو سفير جليل عباس جيلاني، اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر شمشاد اختر شامل آهن.

پاڪستان ۾ جمهوريت توڙي جو  عبوري ارتقائي مرحلي مان گذري رهي آهي پر تنهن هوندي آئيني سطح تي  ملڪ کي اڄ تائين  جيڪي به ڪاميابيون پلئه پيون آهن، سي جمهوريت ۽ سياسي  حڪومتن جي دور ۾ ئي پيون آهن، آمرن ملڪ کي هر ڀيري بحران ڏانهن ڌڪيو آهي ۽ سياستدانن پنهنجي وت ۽ وس آهر ملڪ کي بحرانن مان  ڪڍيو ئي پئي آهي.  صوبن کي 1973ع کان وٺي، جنهن خودمختياري جو انتظار هو، تنهن ڏانهن جهڙي تهڙي ئي سهي پر جيڪا به اڳڀرائي  ٿي سا چونڊيل حڪومت  جي دور ۾ ئي ٿي.  گذريل پ پ سرڪار جي دور ۾ ارڙهين آئيني ترميم جي منظوريءَ سان سترهن وزارتون/کاتا وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ٿيا، جيڪا صوبائي خودمختياريءَ ڏانهن اهم اڳڀرائي  سمجهي پئي وڃي. چوڻ جو مطلب ته لاهن چاڙهن، بحرانن ۽ غير يقينيءَ ۾ هئڻ باوجود چونڊيل حڪومتن ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت آهي ۽ انهن کي مڪمل اختيار سان ڪم ڪرڻو ڏنو وڃي ته اهي ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.

جيتري قدر نگران وزيراعظم يا وڏن وزيرن جو سوال آهي ته انهن عهدن لاءِ اهڙن شخصن جي چونڊ ڪرڻ ضروري آهي، جيڪي بي داغ هجن، جن جي ڪردار تي ڪنهن تڪرار، تضاد ۽ تعجب جو ڪو لينگهو نه هجي. غير جانبداري جن  جي پنهنجي زندگي ۽ سموري ڪيريئر  ۾ سندن سڃاڻپ رهي هجي، اهڙن شخصن جي مقرريءَ سان صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون، عام چونڊون يقيني بڻجي سگهن ٿيون. چونڊن جي شفافيت  ۽ غير جانبداري يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو به خودمختيار هئڻ ضروري آهي. پاڪستان لاءِ ۽ جمهوريت لاءِ هيءَ ڪا خوشخبريءَ کان گهٽ ڳالهه ناهي ته هڪ چونڊيل حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري اقتدار پرامن نموني ٻي چونڊيل حڪومت  جي حوالي ڪيو، جيڪا پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري رهي آهي. عام چونڊون ايندڙ ٻن مهينن اندر ٿيڻيون آهن.  جنهن کانپوءِ  اقتدار ٽين چونڊيل سرڪار حوالي ٿيڻو آهي.  هي اهڙي پريڪٽس آهي، جنهن جو پاڪستان ۾ اڳ ۾ فقدان پئي رهيو آهي.  سو جمهوري تسلسل ۽ هڪ ٻئي پٺيان چونڊيل حڪومتن جي اقتدار ۾ اچڻ سان يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ملڪ جنهن بحراني ڪيفيت مان گذرندو رهيو آهي، تنهن جو خاتمو ايندو، اميد ڪري سگهجي ٿي ته وفاق ۾ توڙي صوبن ۾ چونڊيل ايوان جا قائد ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ  نگران  وزيراعظم توڙي وڏن وزيرن لاءِ معتبر نالن تي متفق ٿي ويندا، ڇو جو ايئن ڪرڻ سان ئي پارليامينٽ جي بالادستي مڃائي به سگهجي ته برقرار به رکي  ٿي سگهجي.

خميس 24  مئي 2018ع،  8   رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ حڪومت جي پهرين بجيٽ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو بار

تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هاڻي ڪي ٽي مهينا پورا ٿيڻ وارا آهن، انهن ٽن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے