18 سومر , جون 2018

ملالا يوسفزئي جو پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا جي موت تي افسوس جو اظهار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نوبل انعام ماڻيندر پاڪستاني شاگردياڻي ملالا يوسفزئي آمريڪا ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا شيخ جي پيءُ کي فون ڪري افسوس جو اظهار ڪيو. ملالا يوسفزئي سبيڪا شيخ جي پيءُ عزيز شيخ سان فون تي رابطو ڪيو، ملالا سبيڪا جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته قوم هڪ هوشيار ڌيءَ کان محروم ٿي وئي. ملالا يوسفزئي سبيڪا جي پيءُ ۽ ڀيڻ کي چيو ته هو مون کي پنهنجي ڀيڻ ۽ ڌيءَ جيان سمجهن، آئون انهن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. سبيڪا جي پيءُ چيو ته هوءَ چاهي پئي ته ” گن وائلنس“ جي خلاف آواز اٿاريو وڃي جنهن تي ملالا يوسفزئي کيس يقين ڏياريو ته هو ان معاملي تي هنن جو ساٿ ڏيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے