18 سومر , جون 2018

انٽيليجنس جي اڳوڻي آفيسر اسامه بن لادن جو پتو ٻڌائڻ عيوض 50 ملين ڊالرز ورتا: اسد دراني

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني چيو آهي ته حريت ڪانفرنس پاڪستان پاران والاريل ڪشمير ۾ جدوجهد کي درست سياسي رستي تي وٺي وڃڻ لاءِ ٺاهي هئي.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد دراني اعتراف ڪيو ته حريت ڪانفرنس پاڪستان پاران والاريل ڪشمير ۾ جدوجهد کي درست سياسي رستي تي وٺڻ وڃڻ لاءِ ٺاهي هئي. اسد دراني  وڌيڪ چيو ته هو سمجهي ٿو ته ڀارتي  وزيراعظم نريندر مودي ايندڙ عام چونڊن ۾ ٻيهر سوڀارو ٿي ويندو. اي ايس دلت ڪتاب ۾ لکيو آهي ته حريت پاڪستان جي ٻي ٽيم آهي، ڀارت جي پنهنجي ٽيم آهي ۽ ڪشمير ٻنهي جي وچ ۾ پيڙهجي رهيو آهي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي اسد دراني چيو ته هڪ رٽائرڊ پاڪستاني انٽيليجنس آفيسر آمريڪا کي القاعده سربراهه اسامه بن لادن جو پتو  ٻڌائڻ  عيوض 50 ملين ڊالرز ورتا هئا، اسد دراني چيو ته آئون ان آفيسر جو نالو نٿو کڻڻ چاهيان، اُهو هن وقت منظرعام تان گم آهي. ايبٽ آباد آپريشن بابت اسد دراني وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيو ته اسامه کي آپريشن نه ماريو ويو هو پر کيس امريڪا حوالي ڪيو ويو. اسد دراني سوال جو جواب ڏيندي چيو ته اسامه کي حوالي ڪرڻ کان ٻه ڏينهن پهريان تڏهوڪي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني افغانستان ۾ وڃي امريڪي فوج جي ڪمانڊر، جنرل ڊيوڊ پيٽرياس سان ملاقات ڪئي هئي. اهو پهريون ڀيرو آهي جو آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف ايبٽ آباد آپريشن ۽ ڪمشير بابت ايترا انڪشاف ڪيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے