18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نون نامزدگي وارن ڪاغذن مان ٻٽي شهريت ۽ ٽيڪس جي ڄاڻ سميت اهم ڪالم ختم ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نون نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ٻٽي شهري ۽ ٽيڪس ڄاڻ سميت اهم ڪالم ختم ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. عام چونڊن جي لاءِ نامزدگي وارن ڪاغذن جي ڇپائي وراو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ۽ فارم چئني صوبائي اليڪشن ڪمشنرن جي آفيسن تائين پهچايا ويا آهن. پهريون ڀيرو نامزدگي وارا فارم اليڪشن ڪميشن بدران پارليامينٽ جي ميمبرن پاڻ تيار ڪرايا آهن. نامزدگي واري فارم مان ٻٽي شهريت، قرض، ڪيس، تعليم، پيشي ۽ ڊيفالٽر وارا ڪالم غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. فارمن مان ٽن سالن تائين جي ٽيڪس جي ڄاڻ وارو ڪالم به ختم ڪيو ويو آهي. نازمدگي واري فارم  مان اميدوار ختم نبوت تي ايمان رکڻ جو حلف نامو ڏيندو ۽ آرٽيڪل 63، 62 تي پورو لهڻ جي ڊيڪلريشن ڏيندو. فارمن مان پرڏيهي دورن جي تفصيل به هٽائي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ اميدوار اقامو ظاهر نه ڪندا.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے