19 اڱارو , جون 2018

منهنجي خلاف ڪيسن جو سبب مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ ڪٺهڙي ۾ آڻڻ هو: نواز شريف

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته 2014ع جي ڌرڻن جو مقصد مون کي دٻاءَ ۾ آڻڻ هو ۽ منهنجي خلاف ڪوڙا، بي بنياد ۽ پاڻمرادن ڪيسن جو سبب جنرل مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ ڪٺهڙي ۾ آڻڻ آهي. احتساب عدالت ۾ پيشي کان پوءِ پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته آمريتن گهرا زخم لڳايا آهن، آئون هٿياربند فوجن کي عزت جي نظر سان ڏسندو آهيان، فوج جي ڪمزوري ملڪي دفاع جي ڪمزوري هوندي آهي، فخر جوڳا آهن اُهي بهادر سپوت جيڪي سرحدن تي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، سرحدن تي ڄميل سپوت اسان جي سڀاڻي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪري ڇڏيندا آهن. هن چيو ته آئين شڪني يا اقتدار تي قبضو جو فيصلو هڪ يا ٻه جرنيل ڪندا آهن ان جي لذتون مٺ جيترن جرنيلن جي حصي ۾ اينديون آهن پر ان جي قيمت سڄي هٿياربند فوج کي ادا ڪرڻي پوندي آهي. نواز شريف جو چوڻ هو ته مشرف غداري ڪيس قائم ڪندي ئي ڏکيائون ۽ دٻاءَ وڌايا ويا، مون کي ڌمڪي جهڙا مشورا ڏنا ويا ته ڳرو پٿر کڻڻ وارو ارادو ترڪ ڪيو، زرداري جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته مشرف جي ٻئين مارشل لا کي پارلياماني منظور ڏني وڃي، مون مشرف جي ٻئين مارشل لا کي پارلياماني منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو، آصف زرداري مصلحت سان ڪم وٺڻ جو چيو، هو مون وٽ هڪ قومي ليڊر وٽ آيو. هن چيو ته مشرف جي خلاف ڪيس شروع ٿيندي ئي اندازو ٿي ويو ته آمر کي ڪٺهڙي ۾ آڻڻ ڪيترو ڏکيو هوندو آهي، منهنجي خلاف ڪوڙا، بي بنياد ۽ پاڻمرادن ڪيس جو سبب جنرل مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ ڪٺهڙي ۾ آڻڻ آهي. هن چيو ته اسان جا هٿيار اهل سياست جي لاءِ بڻيل آهن، جڏهن ڳالهه فوجي آمرن جي خلاف آيا ته فولاد موم بڻجي ويندو آهي، جنوري 2014ع ۾ مشرف عدالت جي لاءِ نڪتو ته طئي ٿيل منصوبي جي تحت اسپتال پهچايو ويو، پرويز مشرف پراسرار بيماري جو بهانو بڻائي پري وڃي ويٺو آهي، انصاف جي منصب تي ويٺل فوج مشرف کي هڪ ڪلاڪ جي لاءِ جيل نه موڪلي سگهي. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته 2014ع جي ڌرڻن جو مقصد مون کي دٻاءَ ۾ آڻڻ هو، مون تي لشڪر ڪشي ڪري پيغام ڏيڻ جو مقصد هو ته مشرف غداري ڪيس کي هلائڻ ايترو آسان ناهي، لشڪر ڪشي ڪري پيغام پهچايو ويو ته مستعفيٰ ٿي وڃ يا طويل موڪل تي هليو وڃ، منهنجي رستي تي شرپسند عنصر ويهاريا ويا، منصوبا ڪندرن جو خيال هو ته آئون دٻاءَ ۾ اچي ويندس، چيو ويو ته وزير اعظم جي ڳلي ۾ رسي وجهي گهليندي ٻاهر آندو ويندو، مقصد هو ته مون کي پي ايم هائوس ڪڍيو وڃي، پارليامينٽ، وزير اعظم هائوس ۽ ايوان صدر فسادي عنصرن کان محفوظ نه رهيا، امپائر جي آڱر کڄڻ واري آهي، اُهو امپائر ڪير هو؟ اُهو ڪير به هيو ان جي پشت پناهي ڌرڻن کي حاصل هئي. نواز شريف جو چوڻ هو ته مون کي منصب ۽ پارٽي صدارت کان هٽائڻ ۽ سڄي عمر لاءِ نااهل قرار ڏيڻ واحد حل سمجهيو ويو، طويل موڪل جو مطالبو ان تاثر جي بنياد تي هو ته نواز شريف کي رستي تان هٽايو ويو، پاناما ۾ عالمي اڳواڻن جا نالا به هئا، ڪيترن سربراهن کي معزول ڪيو ويو؟ پاڪستان ۾ اها ڪارروائي جنهن شخص جي خلاف ٿي ان جو نالو نواز شريف آهي، نواز شريف جو نالو پاناما ۾نه هو.  ميان نواز سريف چيو ته مون قوم جي بچاءَ کي مضبوط بڻايو، جڏهن ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن کي خبر پئي ته بلا دير جي ان وقت جي آرمي چيف ۽ اختيارين  کي هدايت ڏني ته 17 ڏينهن ۾ ڌماڪن جي تياري ڪيو، ايٽمي ڌماڪا نه ڪرڻ تي مون کي 5 ارب ڊالرن جي لالچ ڏني وئي، اڄ به اها ٽيپ پرڏيهي کاتي ۾ موجود هوندي، مون اهو ئي جيڪو پاڪستان جي وقار ۽ مفاد ۾ هو، پاڪستان جي عزت اربن کربن کان وڌيڪ عزيز هئي، ايٽمي ڌماڪا نه ڪيا وڃن ها ته ڀارت جي عسڪري بالادستي قائم ٿي وڃي ها. هن چيو ته دعويٰ ڪري سگهان ته قوم کي اُهو پاڪستان ڏنو جيڪو زندگي جي هر شعبي ۾ 2013ع واري پاڪستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ روشن ۽ مضبوط هو، اُهو هن ملڪ جي دانشورن ۽ تبصرو ڪندڙن کي ڏسڻو آهي ته 28 جولاءِ واري فيصلي ان پاڪستان ۽ عوام کي ڇا ڏنو، معيشت، توانائي ۽ انفرااسٽريڪچر جي منصوبن، صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي ڪيترو نقصان پهچايو ويو، ملڪ جي سياسي عدم استحڪام کي ڪيتري هوا ڏني، ممڪن آهي مون کي حڪومت مان بي دخل ڪرڻ سان ڪجهه ماڻهن کي تسڪين ٿئي پر ڪير ٻڌائي سگهي ٿو ته ملڪ جي جمهوريت، آئيني نظام ۽ احترام کي ڇا مليو. نواز شريف جو چوڻ هو ته مون ڪنڌ جهڪائي نوڪري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مون پنهنجي گهر جي خبر وٺڻ ۽ حالتون ٺيڪ ڪرڻ تي اصرار ڪيو، مون پرڏيهي پاليسي کي قومي مفاد ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کي هائي جيڪر چئو، مون کي سسلين مافيا چئو، مون کي گاڊ فادر چئو، مون کي غدار چئو، فرق نٿو پوي آئون پاڪستان جو پٽ آهيان مون کي هن مٽي جو هڪ هڪ ذرو پيارو آهي، منهنجا ابا ڏاڏا هجرت ڪري هتي آيا، آئون ڪنهن کان پنهنجي حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ پنهنجي توهين سمجهان ٿو. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته جيئن ته پاڪستان جو عوام مون سان محبت ڪندو آهي، مون کي ووٽ ڏيندو آهي ۽ وزارت عظميٰ جي منصب تي ويهاريندو آهي ان ڪري آئون نامطلوب شخص ٿيس، ڪڏهن آئيني معياد پورو نه ڪرڻ ڏنو ويو، سبق سيکارڻ جي لاءِ قيد ڪيو ويو، ڪال ڪوٺڙين ۾ وڌو ويو، هائي جيڪر قرار ڏئي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، خطرناڪ ڏوهارين جيان هٿڪڙيون لڳائي جهاز جي سيٽ سان ٻڌو ويو، هر ممڪن تذليل ڪئي وئي، ملڪ کان جلاوطن ڪيو ويو، ملڪيتون ضبط ڪيون وينو ۽ گهرن تي قبضا ڪيا ويا، جڏهن سموريون پابنديون ٽوڙي واپس آيس ته هوائي اڏي تان ئي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ بدر ڪيو ويو. نواز شريف جو چوڻ هو ته ڇا اڄ کان 19 سال اڳ اهو سڀ پاناما جي ڪري ٿي رهيو هو، ڇا مون سان اِهو سلوڪ لنڊن فليٽن جي ڪري ڪيو پيو وڃي، نه 19 20 سالن پهرين به قصور اهو ئي جيڪو اڄ آهي، نه ان وقت ڪنهن پاناما جو وجود هو نه اڄ ڪنهن پاناما جو وجود آهي، ان وقت به مون عوام جي حاڪميت ۽ حقيقي جمهوريت جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ اڄ به اِهو ئي چئي رهيو آهيان، اُن وقت به چيو هو ته ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسين جي ڊوڙ چونڊيل عوام جي هٿ ۾ هئڻ گهرجي، اڄ به چوان ٿو ته فيصلا اهو ئي ڪندو جنهن کي عوام فيصلو جو اختيار ڏنو. هن چيو ته مون کي پنهنجي دفاع ۾ ثبوت پيش ڪرڻ جي ضرورت ناهي، مون پنهنجي اقتدار ۽ ذات جي خطري ۾ وڌو ته ڊڪٽيٽر کي پنهنجي ڪيل عمل جي سزا ضرور ملڻ گهرجي. نواز شريف چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو سڀ قوم جي سامهون آهي، هاڻ اهي ڳالهيون لڪيل ناهن رهيون، نااهلي پارٽي صدارت تان هٽائڻ جا سبب قوم سڄي ريت ڄاڻي ٿي، مون کي ڪيسن ۾ ڇو الجهايو ويو، قوم ۽ ملڪ جو مفاد وڌيڪ چوڻ جي اجازت نٿو ڏئي، جڏهن فيصلا پهرين ٿي ويندا آهن ته جواز جي لاءِ بهانا ڪيا ويندا آهن، مائنس ون جو اصول طئي ٿي وڃي ته اقامي جهڙو بهانو به ڪافي هوندو آهي. اڳوڻي وزير اعظم جو چوڻ هو ته اِهو منهنجي اصل ڏوهه جو خلاصو، اهڙ ڏوهه ۽ جوابدار پاڪستاني تاريخ ۾ ڪيترائي ملندا، ڪاش اڄ توهان لياقت علي خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي روح کي طلب ڪري سگهو ها، انهن کان پڇو سگهو ها ته توهان سان ڇا ٿيو هو، ڪاش توهان سينيئر ججن کي گهرائي پڇي سگهو ها ته هو ڇو هر مارشل لا کي ڀليڪار چوندا رهيا، ڪاش اڄ توهان هڪ زندهه جرنيل کي گهرائي پڇي سگهو ها ته ان آئين سان ڪهڙي راند کيڏي وئي؟ نواز شريف چيو ته عدالتي فيصلي جي حوالي سان ڪجهه نٿو چوڻ چانيان، فيصلي ۾ شروع کان آخر تائين بدعنواني ڪنهن کي نظر نه آئي، ناانصافي هر هڪ کي نظر اچي رهي آهي، شاهد منهنجي خلاف ادنيٰ ثبوت به پيش نه ڪري سگهيا، عام طور منهنجي موقف جي تائيد ٿي، فريادي منهنجي خلاف ڪيس ثابت نه ڪري سگهيو، منهنجي بچاءَ ۾ شاهد پيش ڪرڻ جي ضرورت ناهي، هن وقت تائين ريفرنس جي حقيقت توهان تي کلي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اليڪشن 2018: مريم نواز ۽ قائم علي شاهه سميت ٻين جا نامزدگي وارا ڪاغذ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جولاءِ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ اميدوارن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے