22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اي بي ڊي ويليئرز عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو  اعلان  ڪري ڇڏيو

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي مشهور بيٽسمين اي بي ڊي ويليئيرز هر فارميٽ جي عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري عالمي ڪرڪيٽ کي حيران ڪري ڇڏيو.سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي ويڊيو پيغام۾ اڳوني ڏکڻ آفريڪي ڪپتان چيو ته هو هاڻ عالمي ڪرڪيٽ مان ٿڪجي چڪو آهي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سندس جاءِ ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم ۾ نوجوان رانديگرن کي شامل ڪيو وڃي ۽ حقيقت اها آهي ته هاڻ عالمي ڪرڪيٽ تان ٿڪجي پيو آهيان. پر پنهنجي پيغام ۾ اي بي ڊويليئرز چيو ته هو ڪلب ڪرڪيٽ ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏندو رهندو، هن ڏکڻ آفريڪي ٽيم  ۽ ڪپتان فاف ڊوپليسي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے