21 اڱارو , آگسٽ 2018

نيب چيئرمين جو اڳوڻي وزير اعظم شوڪت عزيز خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جاويد اقبال اڳوڻي وزير اعظم شوڪت عزيز ۽ ٻين جي خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ سان گڏوگڏ نيشنل فرٽيلائز مارڪيٽنگ جي ايم ڊي ۽ ٻين جي خلاف جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي اوبي آءِ انتظاميا ۽ بينڪ آف پنجاب جي آفيسرن جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ شوڪت عزيز ۽ ٻين جي خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ سان گڏوگڏ سي ڊي اي آفيسرن ۽ ٻين جي خلاف پڻ جاج جي منظوري ڏني وئي آهي، جوابدارن تي بشارت حسين کي غيرقانوني طور ڪنسلٽنٽ مقرر ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن سان 2 ڪروڙ 16 لک جو نقصان ٿيو، جوابدارن تي مبينا طور تي پنجاب جي جهنگلات واري کاتي جي زمين الاٽ ڪرڻ جو الزام پڻ آهي، نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ نيشنل فرٽيلائز مارڪيٽنگ جي ايم ڊي ۽ ٻين جي خلاف جاچ بند ڪرڻ سان گڏوگڏ اقبال اڪيڊمي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جي خلاف ثبوت نه هئڻ تي انوسٽيگيشن بند ڪرڻ جي به منظوري ڏني، ايگزيڪٽو بورڊ  جو وڌيڪ چوڻ هو ته لاڳاپيل وزارت مبينا طور تي غيرقانوني مقررين جي جاچ ڪري ڪاروائي ڪري

هي به ڏسي سگهو ٿا

Corps Commander Conference, headed by Army Chief General Qamar Javed Bajwa, with the help of the election process,

دشمن طاقتن طرفان پاڪستان کي اونداهه ۾ ڌڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه حج جي سعادت حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے