19 آچر , آگسٽ 2018

ملڪ ۾ بادشاهت ناهي، وزير اعظم رياست جي ملڪيت جو مالڪ ناهي: سپريم ڪورٽ

There is no kingdom in the country, Prime Minister is not the owner of the state's property: Supreme Courtاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ بادشاهت ناهي، وزير اعظم رياست جي ملڪيت جو مالڪ نٿو ٿي سگهي. جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ  سوڪس سينٽر بلڊنگ ويلٿ ٽيڪس ادائيگي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ سوڪس سينٽرن جون اپيلون منظور ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ايف بي آر جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي وزير اعظم جي حڪم سان 1995 ۾ ٻه سرڪاري عمارتون 198 ملين ۾ سوڪس سينٽر کي وڪرو ڪيو ويو،  اها ملڪيت ڪنهن نجي فرد کي وڪرو ناهي ٿي. سپريم ڪورٽ جسٽس گلزار احمد قرار ڏنو ته قانون موجب وزير اعظم سرڪاري ملڪيت ڪنهن کي ٽرانسفر ڪري سگهي ٿو؟ وزيراعظم رياست جي ملڪيت جو مالڪ نٿو ٿي سگهيم بادشاهت ناهي، ڇا وزير اعظم کي سپريم ڪروٽ وڪرو ڪرڻ جو اختيار آهي؟ وزير اعظم سپريم ڪورٽ جي وڪرو ڪري ڇڏي ڇا ڪنداسين؟  جسٽس سجاد علي شاهه چيو آهي ته پراپرٽِ وڪرو جو هڪ پيسو ادا ناهي ڪيو ويو . جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته پراپرٽي وڪرو ڪرڻ جي ڪنهن به معاهدي ريڪارڊ ناهي، جسٽس گلزار ايف بي آر جي وڪيل کي چيو ته وزير اعظم کي خواب مان نڪري عدالت ۾ اچڻ گهرجي .ياد رهي ته ايف بي آر سوڪس سينٽر سان ويلٿ ٽيڪس وصولي جي لاءِ ٽريبونل سان رابطو ڪيو هو، ٽريبونل فيصلو سوڪس سينٽر جي حق ۾ ڏنو هو، ايف بي آر ٽريبونل جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ته عدالت ايف بي آر جي حق ۾ فيصلو ڏيندي سوڪس سينٽر کي ويلٿ ٽيڪس ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين طويل عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے