18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

شاهه محمود قريشيءَ جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ پارلياماني بورڊ جو اجلاس، جهانگير ترين شريڪ نه ٿيو

The PTI Parliamentary Board meeting under the chairmanship of Shah Mehmood Qureshi was not Jehangir Tareenاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ اسد عمر ۽ نعيم الحق شريڪ ٿيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين ناراضگي سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد مان اميدوارن جا انٽرويو ورتا ويا، اجلاس ۾ اسد عمر ۽ نعيم الحق شرڪت ڪئي، جڏهن ته جهانگير ترين پارلياماني بورڊ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي . ياد رهي ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين جي وچ بد ڪلامي ٿي جنهن تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي وچ ۾ اچڻو پيو ۽ ٻنهي اڳواڻن کي اختلاف ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے