21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ساحر لوڌي توهان کي شرم اچڻ گهرجي، ٻارڙين کان ڊانس ڪرايو ٿا:عدالت جا ريمارڪس

You should be ashamed of getting the beach out of the world: Children's Remarksاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رمضان ٽرانسميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس شوڪت عزيز صديقي ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ساحر لوڌي توهان کي شرم اچڻ گهرجي، توهان ٻارڙين کان ڊانس ڪرائيندا آهيو؟ جنهن تي مشهور اداڪار عدالت کان معافي گهري ورتي.  تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي رمضان ٽرانسميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران اداڪار ساحر لوڌي ۽ نبيل عدالت ۾ پيش ٿيا، جسٽس شوڪت عزيز صديقي ساحر لوڌي مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ساحر لوڌي توهان کي شرم نٿي اچي، توهان ٻارڙين کان ڊانس ڪرائيندا آهيو؟ ان تي اداڪار ساحر لوڌي ۽ نبيل عدالت کان معافي گهري ورتي. شوڪت صديقي معافي قبول ڪري ورتي ۽ عامر لياقت جي خلاف توهين عدالت جو نوٽيس واپس وٺندي معاملو پيمرا ڏانهن اماڻي ڇڏيو جسٽس شوڪت صديقي ٻڌڻي دوران جذباتي ٿي ويو هن ريمارڪس ڏيندي چيو ته هر ڪوئي پيسو ٺاهڻ ۾ لڳو پيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے