26 اربع , سيپٽمبر 2018

خورشيد شاهه نگران وزير اعظم وارو معاملو پارلياماني ڪميٽي ۾ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Khursheed Shah Yeh hayani indicated the departure of Prime Minister's deal in Parliamentary Committeeاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه نگران وزير اعظم جي مقرري وارو معاملو پارلياماني ڪيمٽي ۾ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي وچ ۾ نگران وزير اعظم لاءِ پنج ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، جيڪي بنا نتيجي ختم ٿيون. گذريل ڏينهن وزير اعظم سان ملاقات بعد خورشيد شاهه چيو هو ته ڪوشش آهي ته معاملو پارليامنٽ جي ذريعي حل ڪيو وڃي، پر هاڻ اپوزيشن ليڊر نگران وزير اعظم جي مقرري تي حڪومت مان مايوس نظر اچي رهيو آهي. پارليامنٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته لڳي رهيو آهي ته نگران وزيراعظم جو معاملو پارلياماني ڪميٽي وٽ ويندو، ڇو ته حڪومت نگران وزير اعظم جي معاملي تي پنهنجي ڳالهين تان پوئتي هٽي رهي آهي. هن چيو ته وزير اعظم کي اسان جا ڏنل نالا رد ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي، اپوزيشن جا نالا رد نٿا ٿي سگهن، پر نالا پارلياماني ڪميٽي ڏنهن اماڻيا ويندا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ذريعن اهو دعويٰ ڪيو هو ته ميان نواز شريف اڳوڻي جج يا بيورڪريٽ کي نگران وزير اعظم طور مقرر ڪرڻ نٿو چاهي. نگران وزير اعظم لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني، ناصر الملڪ، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر ڊاڪٽر مليحه لوڌي،اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻن گورنرن ڊاڪٽر شمشاد اختر،  عشرت حسين ۽  عبدالله حسين هارون جا نالا گردش ڪري رهيا آهن. جڏهن ته پيپلز پارٽي طرفان اڳوڻي پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف، ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رهندڙ جليل عباس جيلاني جا نالا پيش ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے